اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو .
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي متاثرن لاءِ ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ لاڳاپيل ادارن کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون .
صدر آصف زرداري چيو آهي ته متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پڻ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
You might also like