اسلام آباد(حسنات ملڪ+فخر دراني)اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آزادي ڏينهن جي تقريب ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سميت 6 ججن شرڪت ڪئي،اعليٰ عدليه جي 27 ججن مان رڳو 6 ججن جي شرڪت تي سوال اٿي ويا آهن،چيو پيو وڃي ته ڪي جج سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي سبب اسلام آباد ۾ ميسر ناهن،ڪي گرمين جي موڪلن سبب پنهنجن علائقن ۾ يا ڪٿي گهمڻ ويل آهن،ڪي پشاور ته ڪي ڪوئيٽا ويل آه، جڏهن ته اڳوڻي چيـف جسٽس صاحب جي ٽيهه لک روپيا پينشن بابت سوال اٿي رهيا آهن، جيڪڏهن ٻين شعبن ۾ پينشن کي ريگيوليٽ ۽ اسٽرڪچر ڪيو پيو وڃي، ته پوءِ ججن جي پينشن کي ڇو نه ريگيوليٽ ڪيو وڃي؟جيڪڏهن ڪو جج جيڪو تازو ريٽائر ٿي رهيو آهي، ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي پينشن ست لک يا پنج لک ڪئي وڃي،هن وقت صورتحال اها آهي ته ڪو جج جيڪو هڪ مهيني اڳ ريٽائر ٿيو آهي، ان جي پينشن بلڪل ساڳي آهي جيئن ان جي سروس دوران پگهار هئي۔ جڏهن ته اي او بي آءِ جي پينشن تي سخت ريگيوليشن آهي، ڪو ماڻهو جيڪڏهن هڪ پينشن وٺي رهيو آهي ته ٻي پينشن نه ٿو وٺي سگهي۔ پر جج جيڪڏهن ٽيهه لک وٺي رهيو آهي، ته ان تي ڪوبه ضابطو ناهي۔ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻين ريٽائرڊ ججز جي پينشن ۽ مراعتن کي ريگيوليٽ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي۔ماضي ۾ چيو ويندو هو ته بهتر وڪيل جج نه ٿا بڻجن ڇاڪاڻ ته جج جي پگهار گهٽ آهي، ان ڪري مراعتون وڌايون وينديون هيون۔ پر 26هين ترميم کان پوءِ به ڪيترن بهتر وڪيلن کي جج نه بڻايو ويو، ۽ حڪومت پنهنجن همخيال وڪيلن کي جج بڻايو، جيڪي هاڻي اهي مرعات انجواءِ ڪري رهيا آهن۔ٻئي پاسي ججن جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل تفصيل حيران ڪندڙ آهن، جج جي پينشن 23 لک 90 هزار آهي،2010ع ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پينشن 5 لک 60 هزار هوندي هئي،2024ع ۾ اها پينشن 23 لک 90 هزار ٿي وئي آهي،ججن جي پينشن ۽ مراعتن تي ڪو به سوال نٿو اٿاريو وڃي،حڪومت هر سال عدليه کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي،پي ڊي ايم حڪومت ۾ ججن جي مراعتن ۽ پينشن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ مثال قائم ڪندي پنهنجا اثاثا عوام آڏو ظاهر ڪري ڇڏيا هئا جنهن موجب کيس ٻه سرڪاري گاڏيون،600 ليٽر پيٽرول ۽پلاٽ ڏنو ويو آهي،رٽائرمينٽ کانپوءِ اڳوڻي چيف جسٽس کي ڊرائيور،اردلي ۽ هڪ پوليس گارڊ ڏنو ويندو آهي،بجلي جا 2 هزار يونٽ،گئس جا 25 ايڇ ايم يونٽ فري آهن،ميڊيڪل الائونس به ڏنو ويندو آهي،جڏهن ته اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته 2010 ع ۾ رٽائر ٿيندڙ جج پينشن لاءِ بعد ۾ 71 سالن جي عمر ۾ شادي ڪري ڇڏي،هن عذر ڄاڻايو ته هڪ غريب عورت جي مستقبل جي تحفظ خاطر هن ايئن ڪيو آهي، هڪ ٻن ٻين ججن به پينشن ۽ مراعتن لاءِ شاديون ڪري ڇڏيون آهن،انهن ججن جو مائنڊ سيٽ اهو آهي ته عوام جي پئسي مان ملندڙ پينشن ۽ ٻين مراعتن مان سندن ايندڙ نسل فائدا ماڻيندا رهن،ان قسم جو مائنڊ سيٽ عوام کي ڪهڙو انصاف ڏيندو؟انصاف جي اعليٰ منصب تي ويٺلن جو ان قسم جو مائنڊ سيٽ هن ملڪ لاءِ وڏو الميو آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 15آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو