اسلام آباد/لاهور(عمران شفقت) ڪجهه ڏينهن کان ڳالهيون هلي رهيون هيون ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف کي ڪي خدشا آهن ۽ هاڻي ان جو ثبوت وائيٽ هائوس مان جاري ٿي چڪو آهي. پاڪستان کي آمريڪا ۽ چين کي گڏ کڻي هلڻو آهي ۽ معدنيات ڪڍڻي آهي ته ان ۾ ارڙهين ترميم وڏي رنڊڪ آهي، پيپلزپارٽي ارڙهين ترميم تي سڀ کان اڳتي اچي ڳالهائي رهي آهي. سڀ اهو سمجهن ٿا ته ن ليگ، پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ تڪرار ٿي پوندو. نواز شريف جي ويجهن ذريعن موجب، پاڪستان ٻيهر آمريڪا وڃي رهيو آهي جيڪا ان جي غلطي هوندي ڇو ته پاڪستان جو معاشي مستقبل چين سان واڳيل آهي. ن ليگ جي ويجهن ذريعن موجب، اهي ڪوششون به ڪيون ويون آهن ته غوث علي شاهه، چوڌري نثار علي خان ۽ شاهد خاقان عباسي جهڙا ماڻهو واپس ن ليگ ۾ شامل ٿي وڃن ته جيئن نواز شريف سگهارو بڻجي. اها خبر ناهي ته نواز شريف کي اها ڄاڻ آهي يا ناهي. شايد اهو سمجهيو پيو وڃي ته نواز شريف جنهن پاسي وڃي رهيو آهي ان لاءِ کيس مضبوطي گهرجي. ان کان اڳ ن ليگ جي ويجهي ذريعي ٻڌايو هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايوارڊ ڏيڻ واري معاملي سان ن ليگ جو ڪو واسطو ناهي. يعنيٰ اهو وزيراعظم آفيس مان ناهي ٿيو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪي فيصلا ڪري رهي آهي انهن ۾ نواز شريف شامل ناهي ۽ اوهان کي خبر پوندي ته نواز شريف بيهي رهيو آهي ۽ هن انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وائيٽ هائوس پاران هڪ پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل انعام جو ذڪر هو. ان ۾ ٻين ملڪن جي شخصيتن جا نالا هئا پر پاڪستان طرفان ان ۾ وزيراعظم جو نالو هجڻ بدران گورنمينٽ آف پاڪستان لکيل هو. ذريعي ٻڌايو ته ن ليگ اهڙن فيصلن ۾ شامل ناهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي اهو تڪرار وڌي وڃي.