اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ عورتن کي غير منصفاڻي طور گهران بي دخل ڪرڻ کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيڻ لاءِ بل پيش ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تعزيرات پاڪستان جي مختلف شقن ۾ ترميمن جو بل پ پ ميمبر شرميل فاروق پيش ڪيو.
تجويز ڪيل ترميم ۾ چيو ويو آهي ته مڙس يا گهر جي ڪنهن به فرد طرفان غير منصفاڻي طور عورت کي گهران ڪڍڻ ڏوهه هوندو، عورت کي گهران ڪڍڻ تي 3 کان 6 مهينا قيد جي سزا ڏني ويندي.
ترميم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدار تي ٻه لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته عورت کي گهران ڪڍڻ جي ڪيسن جي ٻڌڻي جو مجاز فرسٽ ڪلاس جو ميجسٽريٽ هوندو.
تجويز ڪيل ترميمي بل کي فوجداري قانون ترميمي بل 2025 جو نالو ڏنو ويو آهي، ڊپٽي اسپيڪر بل کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.
You might also like