آزادي جو اعلان 15 آگسٽ تي ٿيو پر پاڪستان ۾ آزادي ڏهاڙو 14 آگسٽ تي ڇو ملهايو ويندو آهي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزادي جو اعلان 15 آگسٽ تي ٿيو پر پاڪستان آزادي ڏهاڙو 14 آگسٽ تي ڇو ملهائيندو آهي؟
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ صحافي ۽ تجزئي نگار حامد مير ٺوس دستاويزي شاهدين سان سبب ٻڌائي ڇڏيا.
حامد مير موجب انڊين انڊپينڊنس ايڪٽ 1947 تحت اها هڪ حقيقت آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻئي 15 آگسٽ تي قائم ٿيا، ڇو ته ان ايڪٽ ۾ لکيل هو ته ٻئي ملڪ هڪ ئي ڏينهن آزاد ٿيندا ۽ پوءِ 15 آگسٽ تي ٻئي ملڪ وجود ۾ آيا.
پاڪستان جي جيڪا پهرين ڊاڪ ٽڪيٽ آهي، ان تي به پاڪستان جو آزادي ڏهاڙو 15 آگسٽ لکيل آهي پر هو 15 آگسٽ کان 14 آگسٽ ڪيئن بڻيو؟
جون 1948 ۾ جيڪا پاڪستان جي وفاقي ڪابينا هئي، جنهن جو سربراهه وزيراعظم لياقت علي خان هو، سڀ کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته آزادي ڏهاڙو 15 آگسٽ بدران 14 آگسٽ تي ملهايو وڃي، ان جا ڪيترائي ڪارڻ هئا، جنهن مان هڪ اهو ته 1947 ۾ پاڪستان ۾ ”ٽرانسفر آف پاور“ ڪراچي ۾ 14 آگسٽ تي ٿيو هو.
ان ئي ڏينهن لارڊ مائونٽ بيٽن شام جو دهلي پهتو ۽ اتي 15 آگسٽ تي ڀارت ۾ ٽرانسفر آف پاور جي تقريب ٿي، ان حساب سان پاڪستان ۾ اقتدار جي منتقلي 14 آگسٽ تي ٿي هئي ۽ جڏهن 15 آگسٽ جي رات 12 وڳي آزادي جو اعلان ٿي رهيو هو ته پاڪستان ۾ ساڍا 11 ٿي رهيا هئا، ڇو ته پاڪستان جو وقت ڀارت کان 30 منٽ پوئتي آهي ۽ ان وقت پاڪستان ۾ 14 آگسٽ هئي، ائين پاڪستان حقيقت ۾ 14 آگسٽ تي ئي قائم ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.