باجوڙ ۽ خيبر ۾ آپريشن، ٽي ٽي پي پاران علائقو ڇڏڻ کان انڪار

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا ڪابينا ٽارگيٽيڊ آپريشن جي حمايت ڪري ڇڏي آهي ۽ باجوڙ ۾ آپريشن سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ 50 هزار رپيا امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔ تفصيلن موجب، خيبرپختونخوا ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي حمايت ڪئي وئي ۽ بااجوڙ ۾ متاثر بي گهر ماڻهن جي مالي ۽ انتظامي مدد لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته باجوڙ آپريشن جي متاثر هر خاندان کي 50 هزار رپيا مالي امداد ڏني ويندي۔ خيبرپختونخوا ڪابينا متاثر ماڻهن تائين بنيادي سهولتون پهچائڻ لاءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر باجوڙ کي متاثر ماڻهن جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. حڪومتي ترجمان موجب، هي قدم متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ سندن تڪڙي مدد لاءِ کنيا پيا وڃن۔ جيڪي متاثر ماڻهو واپس پنهنجي علائقن ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ وڌيڪ 25 هزار رپيا ڏنا ويندا. ڪابينا جي اجلاس ۾ اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيو ته ماڻهو ڪيتري دير تائين پنهنجن علائقن کان پري رهندا. باجوڙ ۾ مقامي اڳواڻن ۽ دهشتگردن وچ ۾ ٿيل امن جرگو ناڪام ٿيو، جنهن کانپوءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو۔ انهن ذريعن موجب، علائقي ۾ لڳ ڀڳ 800 دهشتگرد موجود آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.