ڪراچي( رپورٽر) سکر جي اڳوڻي ڊي سي ڊاڪٽر محمد بخش راجا ڌاريجو جون خدمتون بلوچستان حڪومت حوالي ڪيون ويون آهن. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اڳوڻي ڊي سي سکر راجا ايم بي ڌاريجو جون خدمتون بلوچستان حڪومت حوالي ڪري ڇڏيون آهن. واضح رهي ته سکر ۽ گهوٽڪي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنرن وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ وفاق وٽ نه وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر قانوني گهرجن سبب ناڪام ٿيو.