ايشيا ڪپ: ڪنهن کي کڻون ۽ ڪڍون ڪنهن کي؟ ڀارتي ٽيم جي چونڊ سليڪٽرن جو مٿو ڦيرائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) کي ايشيا ڪپ 2025 جي ڳڻتي ورائي وئي، ميگا ايونٽ لاءِ سليڪٽرن ٽيم جي چونڊ لاءِ غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪٽرز ۽ مئنيجمينٽ ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جي چونڊ بابت تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٽورنامينٽ لاءِ ڀارتي اسڪواڊ جو اعلان 19 يا 20 آگسٽ تي ڪرڻ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٽيم جي اعلان کان اڳ هڙني ڪرڪيٽرن جون فٽنيس رپورٽون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايشيا ڪپ لاءِ ڪيئي رانديگرن جا نالا غور هيٺ آهن.
رپورٽن موجب، نوجوان بيٽر يشسوي جئسوال، ساءِ سڌرشن، ۽ ڪي ايل راهول ٽورنامينٽ مِس ڪري سگهن ٿا، اوپنر اڀيشيڪ شرما ۽ سنجو سيمسن جي ٽيم ۾ شموليت يقيني آهي، جڏهن ته شُڀمَن گِل بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.
شُڀمَن گِل جي موجودا فارم کي ڏسندي کيس ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته فاسٽ جسپريت بُمرا جي شموليت سندس فٽنيس سان مشروط آهي.
ان کانسواءِ ٽاپ آرڊر ۾ مسلسل سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن جي موجودگي سليڪشن لاءِ پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن.
ڀارتي سليڪٽرز ايشيا ڪپ لاءِ سڀ کان مضبوط اسڪواڊ ٺاهڻ چاهين ٿا.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ 9 سيپٽمبر کان گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿيندو، جنهن ۾ ڀارت، پاڪستان، عمان ۽ يو اي اي گروپ اي ۾ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.