صعنت واري وزارت کنڊ جو استعمال گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪسن جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صعنت ۽ واپار واري وزارت کنڊ جو استعمال گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪسن جي تجويز ڏئي ڇڏي.
محمد عاطف خان جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي واپار بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کنڊ جي قيمت، امپورٽ، ايڪسپورٽ جو معاملو بحث هيٺ آيو.
صنعت ۽ واپار واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته تماڪ تي ٽيڪس وڌيو ته ان جو استعمال گهٽجي ويو آهي، جنهن تي ڪميٽي ميمبر مرزا افتخار بيگ چيو کنڊ ته عام ماڻهو جي شئي آهي ۽ وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي.
ايڊيشنل سيڪريٽري چيو عام ماڻهو جي شئي ته آهي پر کنڊ صحت لاءِ سٺي ناهي، ڪميٽي ڪنوينر عاطف خان چيو ڪڻڪ جي ماني ۾ به شگر مٽيريل وڌيڪ آهي.
عاطف خان چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 78 شگر ملون فنڪشنل آهن، 78 شگر ملن جا مالڪ رڳو 25 آهن.
ڪميٽي شگر ملز جي ڊائريڪٽرز ۽ اڪثريتي شيئر هولڊرز جا تفصيل طلب ڪري ورتا، عاطف خان چيو ته تفصيل ميڊيا کي ڏينداسين، ميڊيا پاڻ ڏسندي ته ڪهڙي شگر مل پويان ڪهڙو سياسي بيڪ گرائونڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.