ملڪ جي ڪهڙي صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ گڏهه آهن؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جي زرعي شماري رپورٽ 2024 موجب پاڪستان ۾ گڏهن جو مجموعي انگ 49 لک ٿي ويو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ گڏهه پنجاب صوبي ۾ آهن.
انگن اکرن موجب پنجاب ۾ گڏهن جو انگ 24 لک 3 هزار آهي، جيڪو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ گڏهن جو انگ 10 لک 81 هزار، خيبر پختونخواهه ۾ 7 لک 82 هزار، بلوچستان ۾ 6 لک 30 هزار ۽ اسلام آباد ۾ 4 هزار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.