هاڻوڪي فلمن ۾ اُهو مزو ناهي جيڪو اسان جي دور وارين فلمن ۾ هو: جَيڪِي چن

لوڪارنو(ويب ڊيسڪ) ليجنڊري اداڪار جَيڪِي چن پنهنجي فلمن ۾ پاڻ اسٽنٽ ڪرڻ لاءِ مشهور آهن، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هو اسٽنٽ ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي ۽ کيس هميشه اِهو ڊپ لڳندو آهي ته شايد ائين ڪندي ڪڏهن سيٽ تي ئي مري نه وڃي.
سينيئر اداڪار جَيڪِي چن سوئٽزرلينڊ جي ”لوڪارنو فلمي ميلي“ ۾ خطاب ڪندي چيو هو هر اهم سين جي شوٽنگ کان اڳ گهڻو گهٻرايل آهي، خاص ڪري جڏهن اسٽنٽ موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو.
جَيڪِي چن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ” مان سپر مين نه آهيان، مان هر اسٽنٽ کان اڳ گهٻرايل هوندو آهيان، ڊپ ٿيندو آهي ته ڪٿي هن واري مري نه وڃان.“
اداڪارا چيوته اڃا هن ۾ ايترو ٻَل موجود آهي جو هو مارشل آرٽ وارا اسٽنٽ پاڻ ڪري سگهي ٿو ۽ زندگيءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ قدم رکڻ باوجود فلمن کي وڌيڪ معياري ۽ حقيقي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
جَيڪِي چن چيو ته فلمي شوقينن کي پروڊيوسر، بجيٽ ۽ ٻين ڳالهين ۾ ڪائي دلچسپي، هو رڳو سٺي فلم ڏسڻ لاءِ سنئما جي ٽڪيٽ خريد ڪندا آهن.
هن وڌيڪ چيو، ته ” مان هميشه اهو ذهن ۾ رکندو آهيان ۽ هر سين کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان سمجهان ٿو ته پراڻيون فلمون اڄوڪي فلمن کان سٺيون هيون، ڇاڪاڻ ته هاڻي وڏا اسٽوڊيوز ۾ ويٺل فلمساز نه پر ڪاروباري ماڻهو آهن، انڪري اڄ سٺي فلم ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.