قومي ۽ طبقاتي ڏاڍ خلاف شهيد نذير عباسي جي فلسفي تي هلڻو پوندو:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ دانشورن, عظيم انقلابي اڳواڻ شهيد نذير عباسي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد نذير عباسي آدرشن ۽ اصولن تي اٽل رهي شهادت ماڻي ڳاٽ اوچو ڪري  امر ٿي ويو, نذير عباسي جبر ۽ استحصال کان پاڪ سماج جي لاءِ قرباني ڏني. قومي ۽ طبقاتي استحصال جاري آهي, جنهن خلاف جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ شهيد نذير عباسي جي فلسفي تي هلڻو پوندو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد روشن خيال فورم پاران انقلابي اڳواڻ شهيد نذير عباسي جي 45 هين ورسيءٓ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءٓ جي بااختيار اداري جي هال ۾ "کاٻي ڌر جي سياست: ماضي, حال ۽ مستقبل” جي عنوان هيٺ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي شهيد نذير عباسي جي وني حميده گهانگهرو خطاب ڪندي چيو ته شهيد نذير عباسي اونداهيء ۾ روشني پکيڙيندڙ ڏيئو هو, هو خاموش ٿي ويهڻ بجاءِ جستجو ۾ رهي انقلابي ڪارڪن بڻجي ڪم ڪندو رهيو. اها جستجو ۽ جاکوڙ ئي هئي جنهن جي ڪري نذير عباسي شهادت ماڻي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي گرفتاري کانپوءِ جڏهن اهي ڳالهيون پئي ٿيون ته هاڻ پارٽي ڪير سنڀاليندو ته ان وقت نذير عباسي پارٽي کي متحرڪ ڪيو, هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪري اڳتي آندو. هن چيو ته شهيد نذير عباسي 27 ورهين جي ڄمار ۾ اسان کان کسيو ويو, هو گهڻو وقت اڳ هليو ويو, اسان کي شهيد نذير عباسي جي فلسفي ۽ فڪر تي هلڻو پوندو. شهيد نذير عباسي اوچو ڳاٽ ڪري ويو, اهو ئي سبب آهي ته اڄ جي ٽهي به شهيد نذير عباسي جي قرباني کي ياد ڪري ٿي. پر دنيا شهيد نذير عباسي جي قاتلن جو حشر ڏاڍو خراب ڏٺو آهي, شهيد نذير عباسي تاريخ ۾ سدائين امر رهندو. هن چيو ته نذير عباسي اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته سڀئي گڏ ٿيو ۽ مظلوم طبقن ۽ قومن جي لاءِ جدوجهد ڪريو. آخر ۾ حميده گهانگهرو شهيد نذير عباسي تي لکيل هڪ چئو سٽو پڻ پڙهي ٻڌايو. کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته اها ڳالهه مڃڻي  پوندي ته شهيد نذير عباسي جدوجهد ڪندي جنهن مقصد لاءِ شهادت ماڻي ان مقصد کي اسان پورو ناهيون ڪري سگهيا, هن ملڪ اندر قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي سدائين ڪچليو ويو آهي. شهيد نذير عباسي جي شهادت کي 45 سال گذري ويا آهن, پر سياسي ڪارڪنن سان ساڳيو رويو آهي. هن چيو ته اڄ دنيا ۾ سوشلسٽ رياستون ناهن رهيون, جمهوريت جي نالي ۾ مرضي جون حڪومتون مڙهيون پيون وڃن. استحصالي قوتون اڃا وڌيڪ طاقتور ٿيون آهن. نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته شهيد نذير عباسي اسان جي ٽهي جي چند وڏن سورمن ۾ شمار ٿئي ٿو, هن وڏن مقصدن ۽ آدرشن جي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏني. هن کاٻي ڌر جي سياست تي ڳالهائيندي چيو ته سڄي دنيا تي حاوي رهندڙ سرمائيداري نظام جي طاقت گهڻين ڪوششن باوجود کاٻي ڌر جي سياسي آدرشن کي ختم ناهي ڪري سگهي. هن وقت دنيا ۾ ڪا وڏي کاٻي ڌر جي تحريڪ نظر نٿي اچي ۽ نه ئي ڪا سوشلسٽ رياست موجود آهي. رحيم بخش جعفري چيو ته جواني ۾ نذير عباسي وڏن آدرشن جي لاءِ پنهنجي جان ارپي, شهيد نذير عباسي جو ڪردار تمام وڏو آهي. کيس سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان اندر شروع کان وٺي کاٻي ڌر ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهي آهي, کاٻي ڌر جي اندر جلدبازي جو وڏو رجحان آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست کي ته مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي. هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ اهو طئه ڪري چڪي آهي, جبر ۽ سختين سان به پنهنجي ڳالهه مڃرائڻي آهي. وطن دوست جمهوري پارٽي جي اڳواڻ عرض رتڙ شهيد نذير عباسي کي ڀيٽا ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ سياست ۽ معيشيت تي اسٽيبلشمينٽ جي قبضي خلاف کاٻي ڌر کي وسيع تر سياسي محاذ جوڙڻ گهرجي. ڊاڪٽر پارس نواز گهانگهرو چيو ته شهيد نذير عباسي کي ان ڪري ٽارچر ڏئي شهيد ڪيو ته جيئن نوجوانن ۾ خوف پيدا ٿئي ۽ هو سياست کان پري ٿي وڃن. پر شهيد نذير عباسي اڄ به نوجوانن جو اڳواڻ سڏيو وڃي ٿو, تقريب ۾ نامياري ڪهاڻيڪار لياقت رضوي شهيد نذير عباسي تي لکيل پنهنجي ڪهاڻي "مئل چنڊ” پڙهي ٻڌائي. تقريب جي ڪارروائي حرف جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو هلائي.

سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ لاقانونيت خلاف سخت ايڪشن ورتو وڃي:ساڃاهه وند

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) نذير عباسيءَ اڄ کان 45 سال اڳ جنھن نظرئي ۽ انقلابي سوچ جي فتح لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي ڇڏيو، انھيءَ سوچ فڪر ۽ نظرئي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سڀني کاٻي ڌر جي پارٽين ۽ گروپن کي گڏجي عملي ڪم ڪرڻو پوندو، سنڌ ۽ سموري ملڪ جي موجودھ سياسي صورت حال انتهائي خراب آھي، جنھن جي ڪري ھيٺين طبقي لاءِ زندگي گذراڻ نھايت ڏکيو ٿي پيو آھي، اھي ڳالھيون ڊاڪٽر غلام رسول گھمري، ممتاز منگي، يونس راھو، پروفسر سرور سيف، اثر امام، گلشير شر، ڪامريڊ شبير شر، پروفيسر سرور سيف، نور الله ملڪ ۽ نور نبي راھوجي ڪامريڊ شھيد نذير عباسي جي جاڳرتا فورم سکر طرفان ملھايل 45 ھين ورسي جي موقعي تي سکر پريس ڪلب ۾ رٿيل نذير عباسي جي جدوجھد ۽ ملڪ اندر کاٻي ڌر جي سياسي صورت حال جي موضوع تي ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيون، ھنن چيو ته اسٽيبلشمينٽ مختلف آئيني ترميمن ۽ ايڪٽن ھيٺ پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي مطلبن جا قانون جوڙائي پئي ،هتي عوام جي حقيقي چونڊيل نمائندن کي اقتدار ڪڏھن ڏنو ئي ناھي ويوـ  بلڪه سازشن ذريعي ملڪ جي معشيت صنعت ۽ سياست کي ڪنٽرول ڪيوويو آھي، ھنن چيو ته ملڪ اندر حقيقي جمھوري نظام کي مضبوط ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي ، صوبن جي حق خود اداريت جي نفي ڪندي ملٽري آپريشن ڪيو وڃي ٿو ، ، ھنن چيو ته اڃان 27 ھين ترميم آڻي صوبن جي اختيارن کي گھٽائي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ، جنھن سان سنڌ جا وسيلا ۽ مک سمورا ادارھ وفاق وٽ واپس ٿي ويندا، انڪري اسان وٽ حقيقي مزاحمت کان سواء ڪا به واٽ ناھي، تقريب کي مالڪ کوسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ، جڏھن ته متفقا طور تي ٺھراء پاس ڪيا ويا ته اسرائيل طرفان فلسطينين جي قتلام جي سخت مذمت ڪجي ٿي،ھر قسم جي ھائبرڊ نظام جي مخالفت ڪندي ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ۽ حقيقي جمھوريت کي بحاليءَ جي گھر ڪجي ٿي، سنڌوءَ دريا تي ٺھندڙ واھن  واري رٿا کي رد ڪري سنڌو دريا جي اصلوڪي وھڪرن کي مڪمل بحال ڪيو وڃي، بلوچستان سميت مڙني صوبن جي حق خود اختياريت کي تسليم ڪندي بلوچستان جي عوام مٿان فوجي آپريشن بند ڪري ڊاڪٽر ماھرنگ بلوچ سميت سڀني بي واءِ سي جي گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي،  ملڪ ۾ پورھيت طبقي کي منظم ٿيڻ لاءِ آزاداڻو رستو فراھم ڪيو وڃي، صنعتن ۾ پورھيتن کي ٽريڊ يونيز ٺاھڻ جي آزادي ڏني وڃي، سنڌ ۾ موجود لاقانونيت ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ڪئي وئي ته صوبي ۾ لاقانونيت ۽ ڪرپشن ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ورتو وڃي

سڄاڻ ڌرين پاران  شهيد نذير عباسي کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(رپورٽر)انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو ، نذير عباسي يادگار ڪاميٽي جي قادر اعظم،سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد جي سيڪريٽري گل محمد مستوئي،ڪامريڊ واحد بخش بنگلاڻي،ڪامريڊ وارث رضا، سرور سميجو،  نعيم شيخ ، ھدايت پريم سومرو ، طفيل شيخ ،عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ضياء ڀٽي ، ڪامريڊ گل ناز منگي، گل محمد منگي ، ڪامريڊ اسلم بنگلزئي ء ٻين شھيد نذير عباسي جي قبر تي حاضري ڀري ء سندس رستي تي ھلڻ جو عزم ظاھر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.