نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش جي ٻن ڀائرن هڪ ئي عورت سان شادي ڪرڻ جي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو آهي ته عوامي تنقيد کين متاثر ناهي ڪيو ۽ اهي ”هٽي قبيلي“ جي صديون پراڻي روايت تي فخر محسوس ڪن ٿا.
ڀارتي ميڊيا موجب هماچل جي علائقي شلائي جي ”ٿنڊو خاندان“ سان واسطو رکندڙ نيگي ڀائرن ڪهنت ڳوٺ جي رهواسڻ سنيتا چوهاڻ سان روايتي ”جوڙي دار پرٿا“ رسم تحت شادي ڪئي هئي.
اها شادي گذريل مهيني جي 20 تاريخ تي سامهون آئي هئي، جنهن کانپوءِ مختلف حلقن طرفان ان تي تنقيد ڪئي وئي پر ڀائرن ان شادي بابت وضاحت ڪندي چيو آهي ته اها شادي ”جوڙي دار پرٿا“ تحت ڪئي وئي آهي، جيڪا انهن جي ذاتي عقيدي کان وڌيڪ هڪ سماجي ۽ ثقافتي اهميت رکي ٿي.
فيس بڪ تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ پرديپ نيگي چيو ته اها روايت نسلن کان هلندي پئي اچي ۽ اڳتي به جاري رهندي، مون کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن.
سندس موجب جوڙي دار پرٿا رڳو اسان جي علائقي تائين محدود ناهي پر اها رسم اتراکنڊ جي جائونسار باور خطي ۾ به آهي، جتي شادي جي موقعي تي ٻئي گهوٽ هڪ ئي ڪنوار سان مالائون تبديل ڪندا آهن.
پرديپ جي ڀاءُ ڪپل نيگي ٻڌايو ته اسان جي شادي گڏيل رضامندي سان ٿي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ جبري طور تي اهڙيون شاديون ڪيون وينديون آهن، شادي جو اهو فيصلو ٻنهي ڀائرن ۽ گهرواري جي راضپي سان ٿيو ۽ خاندان به مڪمل طور تي راضي آهن، مان پنهنجي روايتن ۽ ثقافت جو دفاع ڪندو رهندس.
هن چيو ته اسان جو واسطو هڪ غريب خاندان سان آهي، اسان وٽ زمين ۽ ملڪيت ناهي ۽ نه ئي شهرت حاصل ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، اسان اها شادي مشهوري لاءِ ناهي ڪئي.
پرديپ چيو ته شادي جو واحد مقصد گڏ رهڻ ۽ هڪٻئي سان محبت قائم رکڻ آهي، اسان ماڻهن کي درخواست ٿا ڪيون ته تنقيد نه ڪيو، ڇو ته هيءَ اسان جي زندگي آهي ۽ اسان خوش آهيون.
You might also like