ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره ۽ ماڊل صحيفا جبار مختلف انٽرويوز ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن دوران ڪيل پنهنجي ڪجهه اڻوڻندڙ ڳالهين ۽ سخت لفظن تي پنهنجي گهروارن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن معافي وٺي ڇڏي.
اداڪارا انسٽاگرام تي پوسٽ ذريعي اعتراف ڪيو ته هن ٽي وي پروگرامن ۽ ڪجهھ پوڊڪاسٽس ۾ اهڙا سخت ۽ نامناسب لفظ استعمال ڪيا، جيڪي نه رڳو سندس لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيا پر ان سان ٻين کي به تڪليف پهتي.
سندس چوڻ هو ته کيس انٽرويوز دوران استعمال ڪيل لفظن جي چونڊ تي ڏاڍو افسوس ۽ شرمساري آهي ۽ ان وقت هوءَ دماغ کان ڪم نه وٺي سگهي.
صحيفا جبار وڌيڪ چيو ته هن ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بنا اهڙا لفظ استعمال ڪيا، هن انهن لفظن جا پنهنجي پيارن ۽ پنهنجي ذات تي پوندڙ اثر به محسوس نه ڪيا.
هن لکيو ته ” ٽي وي شو، پوڊڪاسٽ يا روڊ تي ڳالهائڻ وقت سوچڻ گهرجي، ڇو ته هر لفظ جي پنهنجي اهميت هوندي آهي، لفظن جي چونڊ دماغ سان ڪرڻ گهرجي، پاڻ کي عزت ادب سان پيش ڪرڻ گهرجي.“
اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته انسان ڪامل ناهن هوندا، پر هميشه بهتر بڻجڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.
صحيفا جبار پنهنجي گهروارن، دوستن ۽ مداحن کان معافي گهرندي چيو ته جيڪڏهن سندس لفظن ڪنهن کي تڪليف پهچائي آهي ته هوءَ ان تي شرمسار آهي ۽ معذرت ڪري ٿي.
هن وڌيڪ لکيو ته سندس چوڌاري جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ جيئن سوشل ميڊيا تي کيس پيش ڪيو پيو وڃيم اهو کيس پاڻ تي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ ياد ڏياري ٿو ته کيس لڳاتار سکڻ وارو عمل جاري رکڻ گهرجي.
ياد رهي ته صحيفا جبار گذريل ڪجهه سالن کان ڊپريشن جو شڪار آهي ۽ هن ان بابت ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ کلي انداز ۾ ڳالهايو آهي. ڊپريشن تي ڳالهائيندي هن سماجي مسئلن، ماڻهن جي روين، گهروارن، دوستن، شوبز انڊسٽري ۽ مذهب بابت به رايا ڏنا، جن مان ڪيتريون ڳالهين تي کيس تنقيد جو به منهن ڏسڻو پيو.