اسلام ڪوٽ (رپورٽ:غازي بجير)سنڌ حڪومت گوڙاڻو ڊيم ختم ڪرڻ،ٿر کي 16 ارب روپين جو ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ سميت اسلام ڪوٽ تعلقي جي 800 رپين بدران 100 يونٽ ميٽر تي مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي،انھي سلسلي ۾ ٿرڪول بلاڪ ٽو تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر حسين شاھ چيو اسان گوڙاڻو ڊيم ختم ڪري رھيا آھيون چار مھينن کان گوڙاڻي ۾ پاڻي ڇوڙ بند آھي،گوڙاڻي ڊيم مان ھاڻي پاڻي آھستي آھستي سڪي رھيو آھي،اينگرو ڪمپني واعدو ڪيو آھي ته ھڪ سال اندر گوڙاڻي ڊيم مان پاڻي مڪمل ختم ٿي ويندو،ھن چپو ته چند اھڙا مائيڊ سيٽ ماڻھو آھن جيڪي ھرڀرو ٿرڪول جي مخالفت ڪن پيا،اھي ملڪي ترقي ڏسڻ نٿا چاھين،ٿرڪول جي غلطين کي اجاگر ڪيو ٿو وڃي پر هاڪاري ڪمن کي نه ٿو ڏٺو وڃي،اسان ٿر بدليگا پاڪستان جو نعري ھڻي اھو ڪري ڏيکاريو آھي ۽ نعري کي ڪاميابي ملي رھي آھي،بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ڪافي سٺا ڪم ڪيا آھن،باقي ٿرڪول منصوبن تي آھي ماڻھو تنقيد ڪري رھيا آھن جيڪي پاڪستان جي ترقي نه ٿا چاھين،ھن چيو ته جيڪي ماڻھو سيمينارن سميت ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي ھاءِ گھوڙا پيا ڪن ته ٿرڪول منصوبن سبب نقصان پيو ٿئي اھو غلط ٿا ڳالھائين،اھي ماڻھو ھڪ مائينڊ سيٽ آھن جيڪي ملڪي ترقي ڏسڻ نه ٿاچاھين،مونکي حيرت تڏھن ٿي جڏھن انھن ماڻھن ٿر ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن کي به ٿرڪول سان ڳنڍي پيش ڪيو پوءِ اسان جڏھن انھي تي تحقيق ڪرائي ته خبر پئي کنوڻ ڪرڻ جو ٿرڪول منصوبن سان ڪو به تعلق ناھي،صوبائي وزير توانائي سيد ناصر شاهه جو ٿرڪول بلاڪ ٽو تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٿرڪول اسان جو ڪامياب منصوبو آهي، جنهن ۾ شريڪ خانگي ڪمپنين جي محنت شامل آهي، 1996 ۾ ڪوئلو دريافت ٿيو، پر ان وقت جي حڪومتن ڪو به قدم نه کنيو. سنڌ حڪومت سڀ کان پهرين سيڙپڪاري ڪئي، ان کان پوءِ نجي ڪمپنيون راضي ٿيون.ٿر بدليندو پاڪستان” واري نعري کي عملي روپ ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ٿرڪول جي مخالفت ڪندڙ اها سوچ آهي، جيڪا پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽ آهي. اسان ماهرن کان تحقيق ڪرائي آهي ته آسماني بجلي جا واقعا ٿرڪول سان لاڳاپيل نه آهن. ٿرڪول جي خامين بدران ان جون خوبيون اجاگر ڪيون وڃن،اسلام ڪوٽ ۾ رکيل کلي صوبائي وزير جي دير سان پھچڻ تي نه ٿي سگھي،صوبائي وزير صرف کلي ڪچھري کي خطاب ڪيو،اسلام ڪوٽ جي ٿرلاج ۾ رکيل کلي ڪچھري دوران صوبائي وزير آڏو رھواسين پاران مفت بجلي نه ملڻ سميت مسئلن بابت شڪايتون ڪيون ويون،صوبائي ناصر حسين شاھ چيو ته ٿر لاءِ 16 ارب رپين جون ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن،ٿرڪول ڪمپنين کي پابند ڪيو ويو آهي ته گوڙاڻوو ڊيم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو ويو آھي،علائقن ۾ سولر سسٽم ذريعي بجلي فراهم ڪنداسين ۽ ھاڻي 800 بدران في گھر جي 100 يونٽ مفت ڏنا ويندا،ٿر بلاڪ ٽو جي دوري دوران وزير توانائي سان گڏ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي، وزيراعليٰ سنڌ جي ماحولياتي صلاحڪار دوست علي راهمون، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي اي قاسم سومرو ۽ ٻيا موجود ھئا،وفد کي پاڪستان جي توانائي ميڪس ۾ ٿر ڪوئلي جي حڪمت عملي واري ڪردار ۽ ٿر بلاڪ ٽو جي ترقي ۾ حڪومت سنڌ جي تسلسل واري سهڪار بابت بريفنگ ڏني وئي،