27 هين ترميم جي تياري:اسٽيبلشمنٽ جو ڪردارگهٽائڻ لاءِ زرداري ۽ نواز هڪ ٿي ويا

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) 2 پراڻا سياستدان صدر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جيڪي حالتون چاهين پيا، سر جهڪائي جنهن وقت جو انتظار ڪري رهيا هئا اهو وقت اچي ويو آهي. هاڻي سياستدانن جو پاسو ڳرو آهي، چيو پيو وڃي ته حڪومت جي اندر ئي حڪومت ٺاهي وئي آهي، ائين حڪومتون ناهن هلنديون. اسلام آباد، بلاول هائوس، ماڊل ٽائون ۾ جيڪو ڪجهه هلي ٿو ان مان ڪجهه ڳالهيون ٻاهر آيون آهن. مخصوص سيٽن جي فيصلي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن جي نااهلي سان مسلم ليگ ن سادي اڪثريت ماڻي رهي آهي. اهڙي ريت هاڻي سياستدان مجبور نه رهندا ۽  پنهنجي شرطن تي اقتدار جي راند کيڏندا. پ پ ۽ ن ليگ وٽ 199 ميمبر آهن. آئيني ترميم جي ضرورت پئي ته ن ليگ طرفان پي ٽي آءِ وارن لاءِ لهجو به نرم ٿيندو پيو وڃي. اهو ان لاءِ ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ختم ڪري سگهجي. هاڻي 27هين آئيني ترميم جو انتظار ڪيو پيو وڃي ته ان جو صحيح مسودو اچي وڃي. ظاهري طور اهو چيو پيو وڃي ته اين ايف سي جو حصو گهٽائڻو آهي، ڌيان هٽائڻ لاءِ بيان ڏنا پيا وڃن. سعيد چوڌري موجب، صدر آصف علي زرداري هڪ هنڌ محسن نقوي بابت شڪايت ڪندي چيو ته هن ان تي اعتبار ڪيو هو، ان دوکو ڏئي ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري جي شڪايت سياسي آهي ته هو هيو ته اسان جو پر ڪنهن ٻئي جو ٿي ويو آهي. فيلڊ مارشل آمريڪا وڃي ٿو ته محسن نقوي ساڻس گڏ وڃي ٿو، برطانيا، ايران، افغانستان به هو وڃي ٿو. ان کان اڳ شروع ڏينهن کان ن ليگ محسن نقوي بابت ڳالهائيندي رهي آهي. محسن نقوي ون مين شو بڻيل هو پر هاڻي وقت ٻيو آهي. محسن نقوي حڪومت جو حصو آهي پر حڪومت ۾ هڪ حڪومت کيس سمجهيو وڃي ٿو ان جي ڪري سندس لاڳاپا ٺيڪ نه رهيا آهن. ٻئي پاسي ملڪ رياض ۾ هٿ وجهڻ يعنيٰ سڀني ۾ هٿ وجهڻ برابر سمجهيو پيو وڃي. حڪومت چوندي هئي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن 9 مئي جي معافي وٺندي پر هاڻي چون ٿا ته اچو ڳالهيون ڪريو. نواز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري جي جوڙي وڏي خطرناڪ هوندي آهي، اهي ٻڌائيندا ناهن ته اندر ڇا هلي رهيو آهي. اين ايف سي بابت فيصلا ٿي رهيا آهن، معدنيات بابت فيصلا ٿي رهيا آهن، ٽرمپ اعلان ڪري ٿو ته اسان پاڪستان سان معاهدا ڪرڻ وارا آهيون. فيصلا ڪو ٻيو ڪرائي ٿو ۽ وزير اچي چون ٿا ها اسان معاهدا ڪري رهيا آهيون. پيپلزپارٽي جي  نجڪاري خلاف پريس ڪانفرنس ٿيڻي هئي، جيڪا اڄ نه ته سڀاڻي ٿي ويندي ته پرائيويٽائزيشن بابت ڪير فيصلا ڪري رهيو آهي اها ڪنهن کي خبر ناهي. ان سموري نظام کي بريڪ لڳڻي آهي. ايم ڪيو ايم ڌار ٿي وئي، بي اي پي ڌار ٿي وئي ته پوءِ ن ليگ ۽ پ پ گڏوگڏ هونديون. ان کان اڳ خبرون هيون ته آرمي چيف جي مقرري پراڻي قانونن تحت ٿي آهي، ترميم بعد ۾ آئي هئي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته نومبر ۾ سندس مدو پورو ٿي ويندو پراڻي قانون تحت. پر ائين نه هوندو. اختيارن جي جنگ ملڪ ۾ هميشه رهي آهي، حڪومت وٽ اڪثريت نه هجي ها ته صورتحال مختلف هجي ها، هاڻي سياسي پارٽيون مضبوط آهن. هاڻي هو فيصلا پنهنجي مرضي سان ڪنديون.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.