پيپلز پارٽي حڪومت کان پي ٽي آءِ جي خالي ٿيل سيٽن مان حصو گهري ورتو

اسلام آباد(بيورو/ع آ نيوز) پيپلز پارٽي حڪومت کان پي ٽي آءِ جي خالي ٿيل سيٽن مان حصو گهري ورتو آهي. پيپلز پارٽي ننڍين چونڊن ۾ ڪجهه سيٽون حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾  وزيراعظمشهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊن بابت غور ڪيو ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ جي وچ ۾ اتحادي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون. تفصيلن موجب، جمعي جي ڏينهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ وفد سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ هلندڙ سياسي صورتحال ۽ امن امان جي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا. ذريعن موجب، ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ اتحادي معاملن ۽ امڪاني ضمني چونڊن بابت به ڳالهيون ڪيون. ٻئي پاسي، وزيراعظم شهباز شريف سان بلاول ڀٽو جي ملاقات جي پڌرائي  به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب سينيٽر شيري رحمان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پڻ بلاول ڀٽو سان گڏ هئا. پڌرائي موجب بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم سان سندس سوٽ ميان شاهد شفيع جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو، مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.