صديق ڪلھوڙي پسنديده ماڻهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ من پسند فيصلا ڪرايا: \سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسرن سليڪشن بورڊ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران من پسند استادن کي سليڪشن بورڊ ۾ ڀرتي ڪرڻ ۽ عدالتي حڪمن مٿان يونيورسٽي پاران نظرثاني ڪميٽين خلاف داخل درخواست تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس مبين لاکو ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ  آڏو ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت سنڌ يونيورسٽي انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار نويد ڪٽپر پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر صديق ڪلھوڙو پنهنجي دور ۾ پسنديده ماڻهن کي فائدو ڏيڻ ۽ پاڻ کي سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده سنڊيڪيٽ جا اجلاس سڏائيندو رهيو ۽ سڀ فيصلا پنهنجي حق ۾ ئي ڪرايا،  سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ۽ سليڪشن بورڊ بدنيتي سان پنهنجي غير قانوني طور ھڪ مخصوص استادن کي يرغمال ڪندڙ گروپ جي ماڻهن کي فائدو ڏنو ويو، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا 2021ع ۾ آءِ بي اي شعبي جي پروفيسر جي سيٽن لاءِ اشتھار جاري ڪيو جنھن ۾ اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون جنھن ۾ سليڪشن بورڊ جي ميمبرن اشتھار مطابق گھرايل ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد درخواستگذار جي پروفيسر جي قابليت جي رڪارڊ کي قبول نه ڪيو جڏھن ته اشتھار مطابق رڪاڊ ۽ تحقيقي مقالا ٻيو اڪيڊمڪ انتظامي تجربو سڀني اميدوار کان ھيڪ جي ڪرائيٽ ايريا مطابق پورائو ۽ مٿاهون آھي سليڪشن بورڊ جي جوڙجڪ غيرقانوني آھي ۽ 3 ايڪسپرڊس به نه کنيا ويا ۽ طريقيڪار غلط آھي ۽ يونيورسٽي جي قانون جي ابتڙ آھي، سنڌ يونيورسٽي جي استادن جي تنظيم جي عھديدارن اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ سليڪشن بورڊ جي ميمبرن سان گڏجي من پسند اميدوارن کي پروفيسر جي سيٽ مقرر ڪيو ۽ درخواستگذار کي نااھل قرار ڏنو ويو. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ڄاڻايل ڀرتي تي صاف شفاف جاچ ڪرڻ بدارن ڪن لاٽار ڪندي رھي ۽ درخواستگذار جي درخواستن کي انتظار ڪرايو ويو ۽ آسرا ڏنا ويا ته مسئلو حل ڪريون پيا، سنڌ يونيورسٽي ۾ تازو ٿيل سموري سليڪشن بورڊ ۾ مسئلو استادن جي تنظيم جو آھي جنھن وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار سميت انتظامي عھدن ۽ سنڌ يونيورسٽي سمورين ڪئمپسز ۽ سمورن ڊينز سميت شعبن ۾ پنھنجي تنظيم جا مقرر ڪرايا آھن، درخواستگذار عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته انتظاميا ويري بڻجي وئي ۽ سندس پگھار ۽ انتظامي بل به روڪيا ويا. عدالت درخواستگذار وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد يونيورسٽي جي لاڳاپيل وڪيل پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.