ڪرپٽ ماڻهن جي جماعت پ پ سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي:جونيئر ذوالفقار

مانجهند (رپورٽ:بابو عمراڻي)سن ۾ سائين جي ايم سيد جي پڙپوٽي ۽ ايس يو پي نائب صدر سيد منير حيدر شاھ سان سندس رهائشگاهه تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ سنڌ جي موجوده  سياسي صورتحال تي گفتگو ڪئي وئي ٻنهي خاندانن جي نوجوان قيادت سنڌ جي اهم مسئلن تي گڏيل ويجهڙائي رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ملاقات ۾ ايس يو پي سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو  جونيئر جي ايم سيد شهيد ڀٽو اڳواڻ عنايت علي عمراڻي مينھان خان رند اڪبر جيهجو پڻ موجود هئا جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون سن ۾ سيد منير حيدر شاھ جي ذاتي دعوت تي آهيان اسان اهم خاندانن جا وارث آهيون سيد ۽ ڀٽو ۾ سياسي نظرياتي اختلاف ضرور هئا پر ان جو اهو مقصد ناهي ته اسان گڏجي ڪم نٿا ڪري سگهون هن چيو ته پ پ  ڪرپٽ ماڻهن جي جماعت آهي جنهن سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي سيد خاندان جي اڳواڻن سان اهم مسئلن تي اتفاق رهيو آهي ڪينال جي معاملي تي جدوجھد به ڪئي هئي جلد پنهنجي نئين پارٽي ٺاهي جدوجهد ڪندس ڪيترائي ماڻهو اسان جماعت ۾ شامل ٿيڻ لا۽ تيار آهن ذوالفقار علي جونيئر چيو ته عمران خان کي جيل ۾ بند ڪرڻ ناجائزي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.