صدر ٽرمپ امن ڪوششن سبب نوبيل انعام جو حقدار آهي: بلاول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي نئشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سينيئر ڊائريڪٽر رڪي گل زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اسلام آباد مان پيپلز پارٽي جي پڌرنامي موجب، بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ  آصفه ڀٽو زرداري به موجود هئي. ملاقات جي موقعي تي سينيٽر شيري رحمان ۽ آمريڪي ناظم الامور نيٽالي بيڪر پڻ موجود هو. پيپلز پارٽي جي پڌرنامي موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ رڪي گل  جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي واڌاري بابت ڳالهيون ٿيون. ملاقات دوران علائقائي سلامتي، واپاري ۽ سفارتي تعاون  جي مختلف پاسن تي به خيال ونڊيو ويو. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪ-ڀارت جنگبندي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي، امن لاءِ سندن ڪوششن کي عالمي سطح تي تسليم ڪرڻ گهرجي. هو نوبيل امن انعام جا حقدار آهن. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تازن واپاري معاهدن کي ڀليڪار چيو ۽ چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان واپاري سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. آمريڪي نئشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سينيئر ڊائريڪٽر رڪي گل  بلاول ڀٽو زرداري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪا پاران پاڪستان سان تعاون وڌائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.