ملڪ رياض خلاف 300 ارب رپين جو ٻيو اسڪينڊل،بحريا ٽائون ڪراچي خلاف جاچ

اسلام آباد(زاهد گشڪوري)2019ع ۾ بحريا ٽائون خلاف 300 ارب رپين جو ريفرنس تيار ٿيو هو،ان وقت جي وزيراعظم عمران خان کي هڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو هو ته بحريا ٽائون جي نالي تي تمام گهڻيون بي نامي جائيدادون ۽ اثاثا آهن، ملڪ رياض حسين ۽ بحريه ٽائون خلاف ٽن سؤ ارب رپين کان وڌيڪ رقم بابت هڪ ٽاپ ڪلاس بينامي ريفرنس تيار ٿيو هو.پر ان وقت وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽيم کي ان تي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو،ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو ته بحريا ٽائون وٽ 220 ارب رپيا بي نامي آهن،61 هزار ڪنال 50بي نامي جي نالن تي آهن،ان جي ماليت 9 ارب رپيا ڄاڻائي وئي،13 ارب رپين کان وڌيڪ ملڪيتون بي نامي دارن جي نالن تي رکيون ويون،ان کان علاوه هڪ ٻيو 35 ارب رپين جو ميگا پراجيڪٽ بي نامي ڄاڻايو ويو پر ان معاملي جي جاچ نه ٿي سگهي،هاڻي ان جي جاچ نيب،ايف آءِ اي وٽ وئي آهي،وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي آهي،نيب بحريا ٽائون ڪراچي، نوابشاهه، لاهور، اسلام آباد،پنڊي،پشاور خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ واري آهي،ويجهي مستقبل ۾ وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي،پنجاب جو اينٽي اسٽيبلشمينٽ کاتو به ڪارروائي شروع ڪري چڪو آهي،بحريا ٽائون سان لاڳاپيل 12 لک ماڻهو پريشان آهن،سندن ٽرانزيڪشن نه ٿي رهي آهي ايف بي آر مطابق 250 ارب رپين جي ٽيڪس چوري ٿي آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز جمعو08 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.