جونيئر ڀُٽو ۽ زين شاهه سنڌ ۾ سگهاري ھلچل پيدا ڪري سگهن ٿا؟

تحرير: سيد يوسف شاهه

شھيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي پوٽي ۽ شھيد مير مرتضيٰ ڀُٽي جي فرزند مير ذوالفقار علي ڀُٽي پاران جيئن ئي نئين سياسي پارٽي ٺاھڻ جو اعلان ڪيو ويو تيئن ئي مختلف تجزيا ۽ تبصرا اچڻ شروع ٿي ويا. خاص طور حڪومتي ڌر جي حامي ”تجزئي نگارن“ وقت کان اڳ ئي نئين پارٽيءَ جي ”ناڪامي“ لاءِ پنھنجا ”ماھراڻا تجزيا“ شروع ڪري ڇڏيا، جنهن مان حڪمرانن جي پريشانيءَ جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. پارٽيءَ جو نالو ڪھڙو ھوندو ۽ منشور ڇا ھوندو، ان تي تبصرو ڪرڻ وقت کان اڳ آھي.

مختلف موقعن تي سندس ڪيل ڳالھين مان ڪجهه اندازا ضرور لڳائي سگهجن ٿا.ھو چوي ٿو  ته ”مون کي نه اقتدار ڌڻين جو اشارو ۽ نه حمايت حاصل آھي اسٽيبلشمينٽ سندس خاندان سان وڏا ظلم ڪيا آھن تنھنڪري غداري ڪري ھو انھن سان گڏ ڪڏھن به نه ويھندو.“ ھو اھا به دعويٰ ڪري پيو  ته ھو سوشلسٽ آھي وڏيرن سان نه پر غريب ھارين، مزدورن ۽ ڏتڙيل عوام جو آواز بڻجندو. ھو چوي ٿو  ته شھيد ڀُٽي جي پارٽيءَ جي پروگرام ” اٽي لٽي ۽ اجهي“ ۾ ھو عوام لاءِ پاڻي بجلي ۽ گئس جي آسان فراھميءَ جو پڻ اضافو ڪندو پر سڀ کان اھم ڳالهه  ته ھو کلئي عام وڏي فخر سان چوندو رھي ٿو  ته ھو سنڌي ۽ سنڌ پرست آھي ھو پنجاب جي سرزمين تي بيھي چوي ٿو پاڪستان کي ھڪ نئين سماجي معاھدي جي ضرورت آھي. سنڌين، بلوچن، پشتونن، سرائيڪين ۽ پنجابين کي سڀ کان اڳ پنھنجي ڌرتيءَ سان محبت ھئڻ کپي ۽ ان سان گڏ پاڪستان سان به پيار ھئڻ گهرجي. پاڪستان ھڪ قوم تي ٻڌل ملڪ ناھي پر گهڻين قومن گڏجي ھيءُ ملڪ ٺاھيو آھي. ان مان اھو اندازو لڳائڻ بنهه ڏکيو ڪونھي  ته ھن شھيد ڀٽي جي لکيل آخري خط ۽ پارٽي پروگرام جو غور سان جائزو ورتو آھي ۽ عوام کي به موجودهه حالتن ۾ ھڪ با اصول اينٽي اسٽيبلشمينٽ پارٽيءَ جي ضرورت آھي. ھو پارٽي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي اھو اعلان ڪري رھيو آھي  ته سيد زين شاهه سان گڏجي ڪم ڪندو، جنھن جي زين شاهه پاران به ھاڪاري موٽ ملي رھي آھي.

شروع ۾ جڏھن ھو امام پاڪن جو نياز ورھائيندي ۽ پوءِ سيلاب دوران بنا ڪنھن پروٽوڪول ۽ محافظن جي عوام جي وچ ۾ ھلي رھيو ھو ۽ چئي رھيو ھو  ته ھن جو سياست ۾ اچڻ جو ڪوبه ارادو نه آھي، تڏھن ئي سياست تي گهري نظر رکندڙ ماڻھو سندس شھيد ڏاڏي جا اھي لفظ ورجائي  ته ”جيئن  ته مان پيدائشي طور ھڪ زميندار آھيان ۽ پيشي جي لحاظ کان وڪيل آھيان پر سياست منھنجي وجود ۾ جوش پيدا ڪري ٿي ۽ منھنجي دل ۾ لازوال شمع روشن ڪريو ٿي ڇڏي، سياست ھڪ اعليٰ ۽ برتر سائنس ۽ آرٽس آھي. سياست شفاف ھئڻ گهرجي ۽ ان ۾ منفي رجحان شامل نه ھئڻ گهرجن. ماڻھو سياست متعلق شڪن ۾ ورتل آھن، اسان سياست سان به سياست ڪئي آھي، اسان ھڪ آرٽ کي تباهه ڪيو آھي، عوام ھاڻي اھڙن سياست دانن تي ڀروسو نه ڪندا، جيڪي انھن جي جذبن سان کيڏن ٿا ۽ لالچ ۾ اچي پنھنجا اصول وڪڻيو ٿا ڇڏين.“ پڪ سان چئي رھيا ھئا  ته : ” ھن جي شھيد ڏاڏي ۽ شھيد والد جو خون سندس رڳن ۾ به موجود آھي، تنھن ڪري ڪڏھن نه ڪڏھن سياست، ھن جي وجود ۾ به جوش پيدا ڪندي، اھائي اصليت ۽ اھائي فطرت آھي.“

پوءِ سڀني ڏٺو  ته ھو جنھن جوش، ولولي ۽ دليريءَ سان ، عوام جي رھنمائي ڪرڻ لاءِ سياسي ميدان ۾ لھي پيو، سنڌ ۽ سنڌي عوام جي دشمنن کي سندس للڪار، جوش ، جنون، دليري، مردانگي ۽ سنڌ پرستي، عوام کي مايوسين جي اونداھي غار مان ڪڍي، تابناڪ ۽ روشن مستقبل جي راهه ڏيکاري ، جنھن جي ڪري عوام ۾ نئون جذبو ۽ اُتساهه جاڳي پيو. ۽ ھن سنڌوءَ تي ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ميدان تي لھي، سنڌ جي حڪمران پارٽيءَ جي منافقين، چورين، چالبازين ۽ عوام دشمنين کي سرِ عام وائکو ڪيو. پر کيس پنھنجي پارٽيءَ کي مضبوط منظم ۽ سگهاري بڻائڻ لاءِ شھيد ڀٽي وانگر پنھنجو  سُک ۽ آرام ڦٽو ڪري ، گهر گهر، وستيءَ وستيءَ ۽ واھڻ واھڻ وڃي عوام کي جاڳائڻ ۽ پنھنجوعوامي پروگرام گهر گهر پھچائڻ ۽ ان مقصد لاءِ باقائدي ھڪ سوشل ميڊيا سيل قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي.

مير ذوالفقار علي ڀٽو اھا حقيقي دعويٰ ڪري ٿو  ته ھو ئي اصل پيپلز پارٽي آھي تنھنڪري اھو شايد وڌيڪ بھتر ٿئي ھا  ته ھو پيپلز پارٽي (شھيد ڀُٽو) کي ئي منظم ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن کان تلوار جو نشان گهري، جيڪو زرداريءَ واري پيپلز پارٽي کي 2018 ۾ مليو پئي پر انھن نه ورتو. يقينن عوام شھيد ڀٽي جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ شھيد جي فرزند سان پيار ڪن ٿا پر عوام جي نجات لاءِ مضبوط پروگرام ھئڻ به اھم آھي. جيڪڏھن ھو نئين پارٽي ٺاھي ٿو تڏھن به شھيد ڀٽي جي پارٽيءَ جي پروگرام ۽ سندس آخري خط کي سامھون رکي پروگرام جوڙيندو  ته يقينن کيس زبردست عوامي موٽ ملندي. ڀٽي صاحب پارٽي ٺاھن وقت ڊاڪٽر مبشر حسن، شيخ رشيد، مير رسول بخش ٽالپر، عبدالحفيظ پيرزادي، ممتاز علي ڀٽي، معراج محمد خان، حيات محمد شير پائو، مصطفيٰ کھر، تاج محمد لانگاهه، جي اي رحيم ۽ حنيف رامي جهڙن سوشلسٽن ۽ با اصول سياست دانن جي ٽيم ساڻ کنئي ھئي. مير ذوالفقار علي ڀٽي کي به نوجوانن سان گڏ ترقي پسندن، قانون دانن، اديبن ۽ شاعرن جي ٽيم جوڙڻي پوندي.

جيڪڏھن مير ذوالفقار علي ڀُٽي جي نئين پارٽيءَ جو ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه سان اتحاد ٿئي ٿو ۽ ٻئي گڏجي ٻين قومپرست ڌرين کي به ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا ۽ ملڪ گير ترقي پسند ۽ جمھوريت پسند پارٽين سان به گڏجي ھلن ٿا  ته يقينن سنڌ ۾ ھڪ ڀرپور انقلابي تحريڪ ڀرپا ڪري سنڌ کي مرڪز جي ڦرلٽ کان بچائي سگهن ٿا. ڏسڻو اھو آھي  ته نئين وجود وٺندڙ پارٽيءَ جو پروگرام ڇا آھي ۽ قيادت عوامي رابطا رکڻ لاءِ ڪيتري محنت ڪري ٿي، ٻين قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين ڏانھن سندس رويا ڪھڙا آھن ان لاءِ اسان کي اڃا ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.

 

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.