لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) آگسٽ ۾ مختلف پرڏيهي ليگز ۾ شرڪت لاءِ قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيا.
عماد وسيم ۽ محمد عامر کي انگلينڊ جي دي هنڊريڊ ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي.
شرجيل خان کي آسٽريليا ۾ شيڊيولڊ ٽاپ اينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي آهي.
نسيم شاهه، محمد عامر ۽ افتخار احمد کي ڪيريبئن پريميئر ليگ ( سي پي ايل) لاءِ اين او سي جاري ٿيو آهي جڏهن ته فهيم اشرف ۽ خوشدل شاهه کي بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي آهي.
You might also like