سينيئر اداڪارا عتيقا اوڍو جي مذاق ۾ ڏنل هڪ بيان کي سوشل ميڊيا واهپيدارن سنجيدگي سان وٺي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ اداڪارا بابت امڪاني ڌار ٿيڻ جون بي بنياد خبرون پکڙجي ويون ۽ ان کان پوءِ کين شاديءَ جون آڇون اچڻ لڳيون. عتيقا اوڍو جو ان باڪس هاڻي "رشتن جي فرمائشنن” سان ڀرجي ويو آهي.
اداڪارا هڪ شو دوران کلندي ٻڌايو ته "مون مذاق ۾ چيو هو ته منهنجي شادي خطري ۾ آهي ڇو ته مان تمام گهڻا ڊراما ڏسڻ لڳي آهيان ۽ منهنجي مڙس کي مون کان شڪايت آهي!” هن چيو ته اهو بيان وائرل ٿي ويو ۽ ماڻهن ان کي سنجيدا سمجهي ورتو. "هاڻ منهنجو ڊي ايم شاديءَ جي آڇن سان ڀريو پيو آهي، مان واقعي ان مان لطف اندوز ٿي رهي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مڙسن کي ٿوري ٽينشن ڏيڻ به ضروري هوندي آهي.”
عتيقا اوڍو وڌيڪ چيو ته عورتن کي سکڻ گهرجي ته مڙسن کي ڪڏهن ۽ ڪيئن دٻاءُ ۾ رکڻو آهي ۽ ها، ڪڏهن ڪڏهن ڳاڙهو جوڙو پائڻ به ڪم اچي ويندو آهي.
سوشل ميڊيا جي طاقت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته "هاڻ سمجهه اچي وئي آهي ته ٿورو مزاح، ٿوري هوشياري ۽ سوشل ميڊيا سان گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو.”