اسلام آباد(زاهد گشڪوري)58 هزار پاڪستانين 57 ملڪن ۾ تقريبن 8 ارب ڊالرن جون ملڪيتون خريد ڪري ورتيون،انهن ۾ 750 حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري آفيسر به شامل آهن،جن ٻاهرين ملڪ جي شهريت حاصل ڪري ملڪيتون ٺاهيون آهن،ملڪيتون خريد ڪندڙن ۾ 56 سياستدان به آهن،2012ع کانپوءِ 37 هزار پاڪستانين پنهنجي پاڪستاني شهريت به ختم ڪري ڇڏي آهي،ذريعن موجب ٻاهرين ملڪ ملڪيتون خريد ڪندڙ پاڪستانين بابت حڪومت کي سڄي ڄاڻ ملي وئي آهي،اها معلومات رياست کي 2018ع کان ملي رهي آهي،58 هزار پاڪستانين بابت ايف بي آر،اسٽيٽ بئنڪ،مرڪزي بئنڪ جي فنانشنل يونٽ،نيب،ايف آءِ اي کي معلومات ملي آهي،ذريعن موجب پاڪستان سرڪار پهرين مرحلي ۾ ساڍا چار سئو پاڪستانين خلاف ٽيڪس بدعنواني جا ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،اهي پاڪستاني ٻٽي شهريت رکن ٿا،750 آفيسر جن ۾ ڪجهه رٽائرڊ آهن انهن ٻٽي شهريت اختيار ڪئي آهي،56 ماڻهن جو تعلق سياست سان آهي انهن مان 24 پارليامينٽ ميمبر رهيا آهن،8 هن وقت به پارليامينٽ ميمبر آهن،سندن اليڪشن ڪميشن ۾ گوشوارا جمع ٿيل آهن، جڏهن ته جن 37 هزار پاڪستانين ملڪ جي شهريت ڇڏي آهي انهن ۾ 300 ننڍا وڏا واپاري به شامل آهن،سرڪاري ملازمن بابت آءِ بي ۽ ٻين ڳجهين ايجنسين هڪ اسڪروٽني شروع ڪئي هئي جنهن ۾ کانئن سوال ڪيو ويو ته ڇا اهي يا سندن گهر واري،ٻار ٻٽي شهريت رکندڙ آهن؟چار لک سرڪاري ملازمن جي اسڪروٽني ٿي چڪي آهي جنهن ۾ خبر پئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 2500 سرڪاري آفيسرن جون گهرواريون،سندن ٻار يا هو پاڻ ٻٽي شهريت رکن ٿا،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي ڪيس ڇرڪائيندڙ آهن،مثال طور پارليامينٽ ۾ مقرر هڪ آفيسر پنهنجي گهرڀاتين کي پرڏيهي آفيس ذريعي يورپي ملڪ سوئٽزرلينڊ ۾ اسپانسر ڪرايو آهي،اتي هن جي گهرواري،سس ۽ ٻارن شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي پناهه جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي،ان معاملي تي سوئٽزرلينڊ جي حڪومت پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي شڪايت ڪري ڇڏي آهي،اهڙي طرح هڪ فوجي آفيسر جيڪو آمريڪا ۾ مقرر ڪيو ويو هو اتي وڃي هن سياسي پناهه لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي،هو پاڪستان واپس نه آيو،ٻاهرين ملڪ ۾ مشنن تي مقرر ٿيندڙ ڪيترائي آفيسر ملڪ واپس اچڻ لاءِ تيار ناهن،ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن گرين ڪارڊ حاصل ڪري ورتا آهن انهن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پئسو ٻاهرين ملڪ موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ان معاملي تي به انڪوائريون جاري آهن،يو اين مشن تي مقرر ڪجهه پوليس آفيسرن ٻاهرين دبئي ۾ ملڪيتون ٺاهي ڇڏيون آهن،15 سالن ۾ 7 هزار پاڪستانين دبئي ۾ پنهنجون جائيدادون خريد ڪري ورتيون آهن،80 سيڪڙو پاڪستانين جو ڊڪليئريشن موجود ناهي،اهڙي طرح وزيراعظم آفيس،ڪابينا ڊويزن،اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ ڊيوٽيون ڪندڙآفيسر به ٻاهرين ملڪ منتقل ٿي ويا آهن،گذريل 8 سالن ۾ ملڪ ۾ ٽي ايمنسٽي اسڪيمون اچي چڪيون آهن جن مان لڳ ڀڳ 2 لک پاڪستانين فائدو ورتو آهي،انهن ۾ سندن ٻاهرين ملڪ جا ڊڪليئريشن به شامل آهن،انٽيليجنس ايجنسين جي رپورٽ آهي ته اڪثر پاڪستانين مني لانڊرنگ ڪئي آهي،ڪاري ناڻي ذريعي ٻاهرين ملڪ ۾ انهن آفيسرن پنهنجا اثاثا ٺاهي ڇڏيا آهن،آفيسرن ۽ سياستدانن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 07 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو