اڌ کان وڌيڪ ڪامورن جون پورچوگال ۾ ملڪيتون آهن:خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وفاقي وزيرخواجا محمد آصف هڪ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي آهي ته وطنِ عزيز جي اڌ کان وڌيڪ مامورا شاهي نه رڳو پورچوگال ۾ ملڪيتون خريد ڪري چڪي آهي، پر هاڻي يورپي شهريت حاصل ڪرڻ جي تياري به ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ خواجه آصف الزام هنيو ته انهن ڪامورن ۾ ڪيترائي نالي وارا ماڻهو شامل آهن . عثمان بزدار جي هڪ ويجهي بيوروڪريٽ پنهنجي ڌيئرن جي شادي ۾ رڳو سلاميءَ جي مد ۾ چار ارب رپيا گڏ ڪيا، ۽ هاڻي بنا ڪنهن احتساب جي آرام سان ريٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته سياستدان ته انهن ڪامورن جا ڇڏيل پئسا کائين ٿا، نه پلاٽ وٺن ٿا نهٻٽي شهريت، ڇاڪاڻ ته کين اليڪشن به وڙهڻي هوندي آهي. هن زور ڏنو ته اصل ڪرپشن بيوروڪريسي ۽ اشرافيه ۾ آهي، جيڪا **”پاڪ سرزمين کي پليد ڪري رهي آهي. صحافي افضل سيال خواجا آصف جي بيان جي حمايت ڪندي دعويٰ ڪئي ته اهو شخص لاهور جي گلبرگ واري علائقي ۾ وڏو آفيس رکندڙ بااثر بلڊر آهي۔سوشل ميڊيا تي صارفين خواجه آصف جي بيان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.خواجه صاحب، توهان وفاقي وزير آهيو، توهان جو ڪم قانون بڻائڻ، غلط کي روڪڻ ۽ انهن کي سزا ڏيڻ آهي، توهان صحافي ناهيو جو رڳو اطلاع ڏيو ۽ فارغ ٿي وڃو!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.