دوست جي مڙس سان شادي ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو: هنسيڪا موٽواڻي طلاق جي افواهن کي پَڪو ڪرڻ لڳي!

ڀارتي اداڪارا هنسيڪا موٽواڻي جي پرڻيل زندگي بابت تازي صورتحال مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

فلم "آپ ڪا سرور" ذريعي مشهوري ماڻيندڙ اداڪارا هنسيڪا موٽواڻي انسٽاگرام تان پنهنجي شادي جون سڀ تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اهو بحث ڇڙيل آهي ته ممڪن آهي ته هوءَ ۽ سندس مڙس سهيل کتوريا هاڻي گڏ نه آهن.

هنسيڪا، جنهن پنهنجي فني سفر جي شروعات ٻالڪ اداڪارا طور فلم "ڪوئي مل گيا" سان ڪئي، پوءِ تيلگو ۽ تامل فلمن ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي.

هن 2022 ۾ جيپور جي مندوتا قلعي ۾ هڪ شاندار تقريب دوران بزنس مين سهيل کتوريا سان شادي ڪئي، جيڪا بعد ۾ Disney+ Hotstar تي نشر ٿيندڙ ريئلٽي سيريز "Hansika’s Love Shaadi Drama” ۾ ڏيکاري وئي.

تازو ڪجهه ڏينهن کان مداحن نوٽ ڪيو آهي ته هنسيڪا جي انسٽاگرام تان شادي جون تصويرون غائب ٿي ويون آهن، جڏهن ته سهيل پنهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ پرائيويٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هي جوڙو ڪجهه وقت کان ڌار ڌار رهي رهيو آهي.

بهرحال، هنسيڪا يا سهيل پاران اڃا تائين الڳ ٿيڻ جي خبرن جي نه تصديق ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ترديد، پر هنسيڪا جي خاموشي ۽ تصويرن جو ڊليٽ ٿيڻ اهو واضح ڏيک ڏئي رهيو آهي ته سندن شادي خطري ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.