ڪرڪ ۾ ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن جو حملو، 4 ايف سي اهلڪار شهيد

ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن ايف سي اهلڪارن جي گاڏي تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ڪرڪ جي علائقي امان ڪوٽ توي ۾ گرگري ٿاڻي جي حدن ۾ ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن ايف سي اهلڪارن جي گاڏي تي حملو ڪيو.
ايف سي اهلڪار فيلڊ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر هئا ۽ گاڏي ۾ روانا ٿي رهيا هئا ته جبل جي چوٽي تي لڪيل هٿياربندن اوچتو حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويا.
واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي جو گهيرو ڪري ورتو ۽ حملي آورن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.