اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي، هاڻ ٻئي ملڪ جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني شهريت ڇڏڻ جي ضرورت نه پوندي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستاني شهريت ترميمي بل 2025 پيش ڪيو ويو، اهو بل مملڪتي وزير طلال چوڌري اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو، جنهن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي.
بل جو مقصد اوورسيز پاڪستانين کي شهريت جو حق واپس ڏيارڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ آهي.
طلال چوهدري ايون کي ٻڌايو ته نئين قانون تحت جيڪڏهن ڪو پاڪستاني ٻئي ملڪ جي شهريت حاصل ڪري ته کيس پاڪستاني شهريت ڇڏڻي نه پوندي.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ملڪن سان پاڪستان حڪومت جا معاهدا به ٿي چڪا آهن، جتي ٻٽي شهريت جا اصول قبول ڪيا ويا آهن ۽ ان بنياد تي هيءَ قانون سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي شهريت جي حقن کان محروم نه رکيو وڃي.
You might also like