پاڪستان ۾ شرط ۽ جوا جون 184 ويب سائيٽون ۽ ايپس بلاڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جوا ۽ شرط لڳائڻ واريون 184 ويب سائيٽون ۽ ايپليڪيشنون بند ڪري ڇڏيون.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪابينا ڊويزن پاران پيش ڪيل لکت جواب ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ملڪ ۾ جوا ۽ شرط لڳائڻ سان لاڳاپيل ڪيترين ئي ويب سائيٽن ۽ موبائل ايپس کي بلاڪ ڪيو آهي.
ڪابينا ڊويزن اختيارين چيو ته هن وقت تائين جوا سان لاڳاپيل 184 ويب سائيٽن ۽ ايپس کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ پي ٽي اي جي اختيار کان ٻاهر آهي.
جواب ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي سمورن ادارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته اهي اهڙين ڪمپنين يا پليٽ فارمن سان ڪو به معاهدو نه ڪن، جيڪي جوا يا شرط لڳائڻ ۾ ملوث هجن.
ڪابينا ڊويزن اهو به مڃيو ته غير قانوني آن لائن مواد کي مڪمل طور ختم يا بلاڪ ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي جا اختيار محدود آهن ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ سهڪار جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.