لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته 1100 اليڪٽرڪ بسون پنجاب ۾ متعارف ڪرايون پيون وڃن، ڪنهن به شهر وڃڻو هجي، ڀاڙو رڳو 20 رپيا هوندو.
مريم نواز ”پنهنجي ڇت پنهنجو گهر“ منصوبي تحت گهرن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 1100 اليڪٽرڪ بسون پنجاب ۾ متعارف ڪرايون پيون وڃن، جن جو ڀاڙو رڳو 20 رپيا هوندو.
هن چيو ته بسون رڳو لاهور، فيصل آباد، پنڊي، ملتان لاءِ نه پيون اچن پر هر شهر لاءِ اچي رهيون آهن، اڄ اسان لاهور ۾ ٽرام جو افتتاح ڪيو آهي، جيڪا ڏسڻ ۾ ٽرين لڳي ٿي.
You might also like