اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ کاتي 14 ورهين کانپوءِ ستين زرعي شماري 2024 جاري ڪري ڇڏي، آخري زرعي شماري 2010 ۾ ٿي هئي.
ڳڻپ کاتي موجب زرعي گهراڻا 83 لکن مان وڌي هڪ ڪروڙ 17 لک ٿي ويا، ملڪ ۾ چوپائي مال جو انگ 25 ڪروڙ 13 لکن تائين پهچي ويو آهي، چوپائي مال جي سالياني اوسر جي شرح 18.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ملڪ ۾ 9 ڪروڙ 58 لک ٻڪريون، 5 ڪروڙ 58 لک ڳئون، 4 ڪروڙ 77 لک مينهون، 4 ڪروڙ 45 لک رڍون، 15 لک اٺ ۽ 48 لک گڏهه به موجود آهن.
ملڪ ۾ پوکيءَ جي ايراضي 2024 ۾ 52.8 ملين ايڪڙ تائين پهچي چڪي آهي، جنهن ۾ 79 سيڪڙو زرعي ايراضي تلائن ۽ ٽيوب ويلن مان سيراب ٿيندي آهي.
You might also like