اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي فوجداري قانونن ۾ ٻن ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت عورت جا ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ هاءِ جيڪر سان ملاقات يا لاڳاپن تي موت جي سزا ختم ڪئي وئي آهي.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ فوجداري قانون ترميمي بل 2025 پيش ڪيو.
اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته بل ذريعي فوجداري قانونن ۾ ٻه تبديليون آنديون پيون وڃن، پهرين ترميم شق 354 اي سان لاڳاپيل آهي، جيڪا عورت جا ڪپڙا ڦاڙڻ جي ڏوهه تي سزا بابت آهي، اها شق اڳوڻي صدر ضياءُ الحق جي دور ۾ شامل ڪئي وئي هئي، جنهن تحت اهڙي عمل تي موت جي سزا مقرر ڪئي وئي هئي پر ان جو گهڻو غلط استعمال ٿيندو رهيو آهي.
قانون واري وزير چيو ته شق 354 کي 354 اي ۾ تبديل ڪرڻ تي ٿاڻن ۾ رشوت هلندي آهي، تنهن ڪري ترميم تحت هاڻ ان ڏوهه تي موت جي سزا ختم ڪري سزا گهٽ ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ٻي ترميم اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ شامل ڪيل شق 402 سي بابت آهي، جيڪا هاءِ جيڪنگ جي جوابدار سان ملاقات يا واسطو رکندڙ شخص کي به موت جي سزا ڏيڻ بابت آهي، ترميمي بل موجب هاڻ هاءِ جيڪنگ جي جوابدار سان لاڳاپن يا ملاقات تي موت جي سزا ختم ڪئي پئي وڃي.
جمعيت علماءِ اسلام جي ميمبر عاليا ڪامران بل جي مخالفت ڪئي، جنهن تي ايون ۾ راءِ شماري ڪرائي وئي ۽ اڪثريت راءِ سان بل منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي: عورت جا ڪپڙا ڦاڙڻ، هاءِ جيڪر سان لاڳاپن تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جي ترميم منظور
You might also like