ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور گلوڪارا آئما بيگ فئشن برانڊ جي مالڪ زين احمد سان شادي ڪري ڇڏي.
ڳائڻي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي شادي جون تصويرون شيئر ڪيون.
پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ آئما بيگ لکيو ته ”الحمدلله، ڪالهه رات مون پنهنجي دوست سان شادي ڪري ڇڏي آهي.“
هن وڌيڪ لکيو ته ”هي سڀ خواب جيان محسوس ٿي رهيو آهي، نئين سفر جي شروعات ۾ پنهنجي دعائن ۾ ياد رکجو.“
ان کان اڳ شوبز سان لاڳاپيل ڪجهه سوشل ميڊيا پيجز تي اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آئما بيگ ۽ زين احمد ڪئناڊا ۾ شادي ڪئي آهي.
هاڻ گلوڪارا پاڻ شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
زين احمد ڪير آهي؟
ميڊيا رپورٽن موجب، زين احمد جو تعلق لاهور سان آهي ۽ هن 2018 ۾ پنهنجي برانڊ جي شروعات ڪئي هئي.
زين احمد هڪ مشهور فئشن برانڊ جو مالڪ آهي، جنهن تحت عورتن ۽ مردن جا لباس ڊزائن ڪيا ويندا آهن ۽ هن برانڊ جا ڪپڙا بالي ووڊ هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ڪرن جوهر، ريپر فرينچ مونٽانا ۽ اوارڊ ونر رض احمد به پائي چڪا آهن.
ياد رهي ته آئما بيگ 2021 ۾ اداڪار شهباز شگري سان مڱڻو ڪيو هو، پر هڪ سال بعد ڳائڻي باضابطا طور شهباز سان تعلق ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.