دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي رينڪنگ موجب، بيٽرز ۾ ڀارت جي اڀيشڪ شرما جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ ٻئي ۽ ڀارت جو تلڪ ورما ٽئين نمبر تي موجود آهي.
پاڪستان جي حسن نواز ۽ صائم ايوب ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ ۾ وڏو ٽپو ڏيندي ڏئي پنهنجي ڪيريئر جي پوزيشن بهترين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
پاڪستان جو حسن نواز 24 درجا بهتري سان 30 هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته صائم ايوب 25 درجا بهتري سان 38 هين نمبر تي پهچي ويو، جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم 3 درجا تنزلي کانپوءِ 17 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ان کانسواءِ ڀارت جو يشسوي جئسوال هڪ درجو ترقي بعد 10 هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته آسٽريليا جي ٽِم ڊيوڊ 2 درجا بهتري سان 16 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي بالرز جي رينڪنگ ۾ به پاڪستاني رانديگرن جي عالمي درجابندي ۾ بهتري آئي آهي.
پاڪستان جو سفبان مقيم 69 درجا وڏو ٽپو ڏئي رينڪنگ ۾ 35 هين نمبر تي پهچي ويو، جڏهن ته محمد نواز 51 درجا بهتري سان 56 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
You might also like