اڄڪلهه ٻار منهنجو گانو” آج ڪي رات مزا حُسن ڪا“ ٻڌڻ کانپوءِ ئي ماني کائيندا آهن: تمنا ڀاٽيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سنڌياڻي اداڪارا تمنا ڀاٽيا دعويٰ ڪئي آهي ته اڄڪلهه جا ٻار سندس آئٽم گانا ٻڌڻ کانپوءِ ماني کائيندا آهن.
ويجهڙ ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ تمنا ڀاٽيا چيو ته ڪيترين ئي عورتن کيس ٻڌايو آهي ته سندن معصوم ٻار اداڪارا جو آئيٽم سانگ ” آج ڪي رات مزا حُسن کان آنکون سي ليجئي “ ٻڌي ماني کائيندا آهن.
هڪ انٽرويو ۾ تمنا ڀاٽيا ٻڌايو ته مان صبح جو اٿڻ سان برش ڪرڻ کان اڳ چهري تي پنهنجي ”ٿُڪ“ هڻندي آهيان ته جيئن داڻا نه نڪرن.
هن چيو ته روز صبح جو ائين ڪرڻ سان ورهين کان منهنجي جلد داڻن ۽ موهيڙن کان پاڪ رهي آهي.
اداڪارا جي انٽرويو جي اها ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدار مليل جليل ردعمل ڏئي رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن ان طريقي جي تائيد ڪندي چيو ته اهي پاڻ به ان ئي نسخي تي عمل ڪندا آهن، جڏهن ته ٻين واهپيدارن ان جي سائنسي بنيادن تي سوال اٿاريندي چيو ته ٿڪ ۾ موجود بيڪٽيريا سان وڙهندڙ انزائمز ايترا اثرائتا ناهن هوندا جو اهي داڻن جي اصل ڪارڻ جهڙوڪ سڻڀ ۽ سوڄ جو علاج ڪري سگهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته کيس تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي جڏهن مداح کيس سڃاڻيندا آهن ۽ ساڻس گڏ تصويرون يا وڊيوز ٺهرائيندا آهن.
اداڪاره چيو ته سندس گيت” آج ڪي رات مزا حُسن ڪا آنکون سي ليجئي “ سپر هٽ ثابت ٿيو ۽ سڄي دنيا ۾ ٻڌو ويو، ان گاني ۾ سندس لباس، انداز ۽ ڊانس کي تمام گهڻو ساراهيو ويو.
تمنا ڀاٽيا دعويٰ ڪئي ته ڀارت ۾ ڪيترائي ننڍڙا ٻارڙا اهو گانو ٻڌي ماني کائين ٿا.
اداڪارا کلندي چيو ته ٻارن کي گاني جي شاعري سمجهه ۾ نٿي اچي، پر موسيقي ۽ سندس ڊانس ڏسي ماني کائين ٿا.
ياد رهي ته “ آج ڪي رات مزا حُسن ڪا آنکون سي ليجئي“ گانو فلم ” استري ٽو“ ۾ شامل هو، فلم آڪٽوبر 2024 ۾ رليز ٿي هئي، اِهو گيت هن وقت تائين يوٽيوب تي 74 ڪروڙ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.