ڪراچي: شاهه لطيف ٿاڻي ۾ نوجوان جو قتل، ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر سميت 4 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شاهه لطيف ٿاڻي ۾ هڪ شخص جي مارجڻ واري واقعي کانپوءِ ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
گذريل ڏينهن ڪراچي جي شاهه لطيف ٿاڻي ۾ فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو هو، جنهن کانپوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او، هيڊ محرر سميت 4 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين موجب ايس ايڇ او سميت سڀني ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ملير واقعي جي انڪوائري ڪئي ته خبر پئي فائرنگ ڪندڙ ۽ ان جو ساٿي ايس ايڇ او جي اسپيشل پارٽي ۾ شامل هئا، جڏهن ته ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر واردات جا ثبوت به مِٽايا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٻن ڄڻن هڪ نوجوان کي پڪڙي کي شاهه لطيف ٿاڻي آندو هو ۽ ٻڌايو هو ته اهو ڦورو آهي، پوءِ انهن جو نوجوان سان جهيڙو ٿيو، هڪ شخص پسٽل ڪڍيو ۽ جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب مبينا ڦورو مارجي ويو.
ايس ايس پي ملير موجب گولي لڳڻ سان نوجوان ٿڏي تي مارجي ويو، ٻنهي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي وئي ته مارجي ويل ڦورو هو يا نه، خبر پئي ته گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار ايس ايڇ او جي اسپيشل پارٽي ۾ شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.