ڊي سي کي خبر ناهي ته ان جو ڪهڙو ماڻهو ڪرپٽ آهي؟ مان ڄاڻان ٿو ته اسان جو ڪهڙو جج ڪرپٽ آهي: جسٽس ڪياني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي تخت گاهه ۾ تپيدارن جي خالي جاين تي ڀرتين بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر کي اها به خبر ناهي ته سندس عملي مان ڪير ڪرپٽ آهي؟ مان ته چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو ته اسان جي عدليا ۾ ڪير ڪرپٽ آهي، مون کي سڀ خبر آهي ته ادارن ۾ پيسا ڪيئن ورتا پيا وڃن، انهن جو وس هلي ته رشوت کي قانوني حيثيت ڏئي ڇڏين.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران تپيداري ۾ ڪرپشن ۽ رشوت خوري بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته تپيدارن منشي رکيا آهن، ڪرپشن ۽ رشوت ورتي ويندي آهي.
اسٽيٽ ڪائونسل چيو ته اسان رپورٽ پيش ڪئي آهي ۽ انهن مسئلن جي حل کي به يقيني بڻائينداسين، ان تي جسٽس ڪياني چيو ته رپورٽ اچي وئي آهي، مون ڏسي ورتي آهي، اهو حال آهي، مون کي سڀ خبر آهي ته ادارن ۾ ڪيئن پيسا ورتا پيا وڃن.
هن سوال ڪيو ته ڇا ڊپٽي ڪمشنر کي خبر ناهي ته سندس اداري ۾ ڪير ڪرپٽ آهي؟ مان ته چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو ته اسان جي عدليا ۾ ڪير ڪرپٽ آهي، انهن جو وس هلي ته رشوت کي قانوني طور لاڳو ڪري ڇڏين.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته عدالت ڏيتي ليتي واري ڪيس ۾ قيمت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي عمل ناهي ٿيو، چيف ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڇو نٿا ڪرائين؟ ڊپٽي ڪمشنر ان نظام جو حصو آهي ۽ سڄو ڏينهن ڇا ٿيندو آهي مون کي خبر آهي. مان چيف ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي عدالت گهرائي ٻن منٽن ۾ قانون سيکاري ڇڏيندس، جيڪڏهن منهنجي حڪمن تي عمل نٿو ٿئي ته اهي ٻئي عدالت ۾ پيش ٿين.
هن اسٽيٽ ڪائونسل عبدالرحمٰن سان مڪالمو ڪندي چيو ته توهان جي خاطري تي اڄ سخت آرڊر نه پيو ڏيان.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.