لاهور (ويب ڊيسڪ) جارحاڻي بيٽر فخر زمان جي انجري سبب اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپسي جا امڪان پيدا ٿي ويا.
ذريعن موجب بابر اعظم ايندڙ ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو حصو بڻجي سگهي ٿو.
واضح رهي ته فخر زمان ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران انجريءَ جو شڪار ٿيڻ سبب آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ نه کيڏيو هو ۽ ون ڊي سيريز کان به ٻاهر ٿي چڪو آهي.
پي سي بي فخر زمان کي فوري طور نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جتي هو ري هيب جي عمل مان گذرندو ۽ ايشيا ڪپ ۾ سندس شرڪت شڪي آهي، جنهن سبب متبادل منصوبو به تيار ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فخر زمان مڪمل طور فٽ نه ٿي سگهيو ته بابر اعظم جي اسڪواڊ ۾ شموليت جا چٽا امڪان آهن پر گڏوگڏ بابر اعظم جي واپسي جو دارومدار ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز ۾ سندس ڪارڪردگي تي به آهي، جيڪڏهن هو سليڪٽرن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سندس ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ واپسي جا امڪان روشن آهن.
You might also like