نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ناليواري فلمساز سنيل درشن هڪ ڀيرو ٻيهر اڪشي ڪمار ۽ پريانڪا چوپڙا وچ ۾ مبينا لاڳاپن تي ڳالهائيندي چيو آهي ته شادي شده مردن کي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ان واقعي تي پريانڪا کي ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي.
اڪشي ڪمار سان گڏ لاڳيتو 7 فلمن ۾ ڪم ڪندڙ سنيل درشن انڪشاف ڪيو ته ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ان وقت بگاڙ آيو، جڏهن اڪشي جي پريانڪا سان مبينا ويجهڙائين جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون.
هڪ انٽرويو دوران سنيل درشن کان پڇيو ويو ته نيٺ اهڙو ڇا ٿيو جو اڪشي ڪمار فلم ”برسات“ جي شوٽنگ دوران ئي ڪم ڇڏي ڏنو هو؟ جنهن تي فلمساز ٻڌايو ته اسان فلم جي شوٽنگ ڪري چڪا هئاسين ۽ اڪشي ۽ پريانڪا سان هڪ گانو به فلمبند ڪري ورتو هو پر پوءِ اڪشي ڪمار ٻڌايو ته سندس ذاتي زندگي ۾ مسئلا هلي رهيا آهن ۽ هن فلم کي رڳو هڪ اداڪار سان مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
سنيل درشن چيو منهنجي خيال ۾ سڀني اداڪارن کي ذميوار هجڻ گهرجي پر شادي شده مردن کي وڌيڪ محتاط رهڻ گهرجي، غلطي ڪرڻ انسان جي فطرت آهي پر نقصان پروڊيوسرن کي ٿيندو آهي، مان ان حادثي جو ذميوار پريانڪا چوپڙا کي قرار نه ڏيندس.
اهو پهريون موقعو ناهي جو سنيل درشن ان معاملي تي ڳالهايو هجي، ان کان اڳ به هو اشارو ڏئي چڪو آهي ته اڪشي ڪمار جي گهرواري ٽوئنڪل کنا مڙس کي پريانڪا چوپڙا سان گڏ وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
سنيل درشن وڌيڪ چيو ته اڪشي ڪمار سان منهنجا لاڳاپا ختم ٿئي تقريبن 20 سال ٿي چڪا آهن ۽ ان کانپوءِ اسان جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
واضح رهي ته اڪشي ڪمار ۽ پريانڪا چوپڙا ڪيترين ئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ”مجهه سي شادي ڪروگي، انداز، اعتراض“ جهڙيون فلمون شامل آهن پر پوءِ ٻنهي گڏ ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو، جنهن تي ميڊيا ۾ مختلف خبرون سامهون آيون.
You might also like