اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شاگردن کي شيوننگ اسڪالرشپ پروگرام تحت برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ويو.
برطانوي هاءِ ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستاني شاگردن لاءِ شيوننگ اسڪالرشپ پروگرام جون درخواستون اڄ کان کوليون ويون آهن، اها عالمي سطح جي اسڪالرشپ انهن باصلاحيت مڊ ڪيريئر پروفيشنلز لاءِ آهي، جيڪي معاشري ۾ هاڪاري تبديلي جا خواهشمند آهن.
ترجمان چيو ته شيوننگ اسڪالرشپ ٻن سالن جو تجربو رکندڙ مڊ ڪيريئر پروفيشنلز لاءِ آهي، جنهن ۾ ٽيوشن فيس، ويزا خرچ، رهائش ۽ ماهوار وظيفو شامل هوندو آهي.
برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته شيوننگ پاڪستان جي اڀرندڙ ليڊرز لاءِ هڪ لانچ پيڊ آهي، درخواستون 5 آگسٽ کان 7 آڪٽوبر 2025 تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.
You might also like