ورڪ لوڊ تحت کيڏڻ کان انڪار، گواسڪر بمرا تي ڏمرجي پيو، سراج جي تعريف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر ورڪ لوڊ مينيجمينٽ تحت رانديگرن کي آرام ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.
سنيل گواسڪر چيو ته محمد سراج انگلينڊ خلاف سيريز ۾ پنج ئي ٽيسٽ ميچون کيڏندڙ واحد ۽ سڀ کان وڌيڪ اوور ڪرائيندڙ بالر آهي، ڪپتان جي ضرورت ۽ ملڪ جي اميدن تي پورو لهندي سراج 5 ميچن جي سيريز ۾ نان اسٽاپ 7 کان 8 اوورن جا اسپيل ڪيا، هن انگلينڊ خلاف سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ 185.3 اوور ڪرايا.
هن چيو ته محمد سراج ورڪ لوڊ مينيجمينٽ تحت آخري ٽيسٽ ۾ آرام ڪرڻ جي آڇ ٿڏي ڇڏي هئي، جڏهن ته جسپريت بمرا ورڪ لوڊ مينيجمينٽ تحت رڳو 3 ٽيسٽ ميچون کيڏڻ جو فيصلو ڪيو، سراج ورڪ لوڊ واري ڳالهه کي ختم ڪري ڇڏيو، مون کي اميد آهي ته ورڪ لوڊ جو لفظ ڀارتي ڪرڪيٽ جي ڊڪشنري مان ڪڍيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ورڪ لوڊ جسماني نه دماغي مسئلو آهي، جيڪڏهن توهان ورڪ لوڊ جي ڳالهه ڪندڙن جي پريشر ۾ اچي ويا ته ڪڏهن به بهترين رانديگر نٿا ٿي سگهو، جڏهن توهان ملڪ لاءِ کيڏو ٿا ته تڪليف وساري ڇڏيو، ڇا بارڊر تي ڪنهن فوجي جوان ٿڌ جي شڪايت ڪئي آهي؟
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ملڪ لاءِ کيڏڻ اعزاز آهي، تنهن ڪري ملڪ لاءِ تڪليف کي وساري پنهنجي بهترين ڪارڪردگي پيش ڪيو، پنت زخمي هجڻ باوجود بيٽنگ ڪرڻ آيو هو ۽ ٻين رانديگرن مان به اها ئي اميد رکون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.