اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان يوڪرين ۾ جاري تڪرار ۾ پاڪستاني شهرين جي شرڪت جو الزام بي بنياد ۽ نه قبولڻ جوڳو قرار ڏيندي سختي سان رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت انهن الزامن کي مڪمل طور رد ڪري ٿي، ان حوالي سان ڪنهن به سطح تي ڪا صداقت ناهي.
ترجمان موجب هيل تائين يوڪريني اختيارين نه ته پاڪستان سان باضابطا طور ڪو رابطو ڪيو آهي، نه ئي انهن دعوائن جي حق ۾ ڪا تصديق يا ٺوس شاهديون فراهم ڪيون آهن، پاڪستان ان معاملي تي يوڪرين سان باضابطا طور رابطو ڪندو ۽ ان نوعيت جي الزامن جي وضاحت طلب ڪئي ويندي.
پرڏيهي ترجمان واضح ڪيو ته پاڪستان يوڪرين تڪرار جي پرامن ۽ سفارتي حل تي يقين رکي ٿو ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب ڳالهين ذريعي مسئلي جي حل جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.
You might also like