پيرس ۾ اڌ صديءَ کان اخبار کپائيندڙ پاڪستاني کي فرانس جو اعليٰ سول اعزاز ڏيڻ جو اعلان

پيرس (ويب ڊيسڪ) پيرس جي روڊن تي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان اخبار کپائيندڙ پاڪستان ڄائي علي اڪبر کي فرانس جو اعليٰ سول اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 72 ورهين جي علي اڪبر کي پيرس جي آخري اخبار فروش طور سڃاتو ويندو آهي، جيڪو هاڻ به روڊن تي اخبار کپائيندو آهي.
علي اڪبر جو واسطو راولپنڊي سان آهي، هو 1973 ۾ فرانس ويو ۽ اخبار کپائڻ شروع ڪيائين.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون طرفان سيپٽمبر ۾ علي اڪبر کي ”نيشنل آرڊر آف ميرٽ“ جي اعزاز سان نوازيو ويندو.
واضح رهي ته اهو اعليٰ سول اعزاز فرانس ۾ سول يا عسڪري خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.