واچ کٻي هٿ ۾ ڇو پائبي آهي؟ دلچسپ ڪارڻ ڄاڻيو

واچ جو استعمال هڪ عام رواجي ڳالهه آهي ۽ ان کي ماڻهو پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ استعمال ڪندا آهن، جڏهن واچ جي تاريخ ڏسجي ته ان ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڪثر ماڻهو واچ کي کٻي هٿ ۾ پائيندا آهن.
کٻي هٿ ۾ واچ پائڻ جي روايت 18هين صدي کان شروع ٿي، ان دور ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ واچون خاص طور تي جيولري طور ٺهنديون هيون.
عام طور تي صحيح نموني ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي هٿن جي آزادي گهرجي ٿي ۽ ٻنهي هٿن کي ڏسجي ته کٻي جي ڀيٽ ۾ سڄو هٿ وڌيڪ ڪم ڪندو آهي، جڏهن واچ کي کٻي هٿ ۾ پائجي ته سڄو هٿ مڪمل طور تي آزاد هجي ٿو ۽ ان ان سان سولائيءَ سان ڪو به ڪم ڪري سگهجي ٿو، ائين ڪرڻ سان پاڻي ۾ هٿ وجهڻ يا ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ جي ڪري واچ خراب ٿيڻ جا امڪان به گهٽ هوندا آهن.
سائڪالاجيڪلي اهو چيو ويندو آهي ته واچ کي کٻي هٿ ۾ پائڻ سان ذهني توانائي ۽ سوچڻ جي سگهه به وڌندي آهي، اهو هڪ سماجي رواجي اثر آهي، جيڪو قديم وقتن ۾ مقبول ٿيو هو.
کٻي هٿ ۾ واچ پائڻ جو هڪ وڏو فائدو اهو به آهي ته گهڻي قدر ماڻهو ساڄڙي هوندا آهن ۽ کٻي هٿ کي گهٽ ڪم ڪرڻ لاءِ ملي ٿو، ان ڪري کٻي هٿ ۾ پائڻ جي ڪري واچ جي حفاظت گهڻي ٿيندي آهي.
جڏهن واچ کٻي هٿ ۾ هوندي آهي ته اها عام طور تي وڌيڪ محفوظ رهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.