نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي اداڪارا تمنا ڀاٽيا هڪ اهڙي غير روايتي نسخي جو انڪشاف ڪيو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ تمنا ڀاٽيا ٻڌايو ته مان صبح جو اٿڻ سان برش ڪرڻ کان اڳ چهري تي پنهنجي ”ٿُڪ“ هڻندي آهيان ته جيئن داڻا نه نڪرن.
هن چيو ته روز صبح جو ائين ڪرڻ سان ورهين کان منهنجي جلد داڻن ۽ موهيڙن کان پاڪ رهي آهي.
اداڪارا جي انٽرويو جي اها ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدار مليل جليل ردعمل ڏئي رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن ان طريقي جي تائيد ڪندي چيو ته اهي پاڻ به ان ئي نسخي تي عمل ڪندا آهن، جڏهن ته ٻين واهپيدارن ان جي سائنسي بنيادن تي سوال اٿاريندي چيو ته ٿڪ ۾ موجود بيڪٽيريا سان وڙهندڙ انزائمز ايترا اثرائتا ناهن هوندا جو اهي داڻن جي اصل ڪارڻ جهڙوڪ سڻڀ ۽ سوڄ جو علاج ڪري سگهن.
You might also like