پنجاب ڪابينا پاران سرڪاري ملازمن جي بيواهه کي تاحيات پينشن ڏيڻ جي منظوري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا سرڪاري ملازمن جي بيواهه کي تاحيات پينشن ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو 28هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فلڊ ڊيوٽي انجام ڏيندڙ ريسڪيو اهلڪارن لاءِ 50-50 هزار رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو.
اجلاس ۾ وائس چانسلر جي مقرري لاءِ مارڪيٽ مان هائرنگ جي تجويز تي اتفاق ڪيو ويو ۽ وائس چانسلر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 80 سيڪرو مارڪون حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ڪابينا پي ڊي ايم اي کي 2.6 ارب رپين جا فنڊ ٻوڏ متاثرن لاءِ خرچ ڪرڻ جي منظوري ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.