پاڪستاني ”ڪرائي جا فوجي“ روس لاءِ يوڪرين ۾ وڙهي رهيا آهن: زيلنسڪي

 

ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪريني صدر وولودومير زيلنسڪي دعويٰ ڪئي آهي ته اتر اوڀر يوڪرين ۾ اسان جي فوج چين، پاڪستان ۽ آفريقا جي ڪجهه علائقن سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي ”ڪرائي جي فوجين“ سان وڙهي رهي آهي.

زيلنسڪي اتر اوڀر خارڪيف جي علائقي جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ايڪس تي لکيو ته اسان محاذ تي موجود ڪمانڊرن سان دفاع ۽ جنگ جي صورتحال تي ڳالهايو آهي، اسان جي سپاهين اطلاع ڏنو آهي ته ان محاذ تي چين، پاڪستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ڪجهه آفريقي ملڪن جا ڪرائي جا ويڙهاڪ به شامل آهن، اسان ان جو جواب ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.