شبلي فراز، عمر ايوب، زرتاج گل سميت پي ٽي آءِ جا 9 پارليامينٽ ميمبر نااهل قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن شبلي فراز ۽ عمر ايوب سميت تحريڪ انصاف جي 9 پارليامينٽ ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن 9 اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي نااهل قرار ڏنو آهي، 9 مئي جي ڪيسن ۾ سزائون ٿيڻ تي انهن ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي.
نااهل ٿيندڙن ۾ 5 ايم اين اي، 3 ايم پي اي ۽ هڪ سينيٽر شامل آهن.
اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽر شبلي فراز، ايم اين اي عمر ايوب، راءِ حيدر علي، صاحبزادا حامد رضا، راءِ حسن نواز، زرتاج گل، ايم پي اي انصر اقبال، جنيد افضل، راءِ محمد مرتضيٰ اقبال کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن جون سيٽون خالي قرار ڏنيون ويون آهن.
واضح رهي ته 31 جولاءِ تي فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي 3 مختلف ڪيسن ۾ فيصلو ٻڌائيندي عمر ايوب ۽ شبلي فراز سميت 196 ميمبرن کي سزائون ٻڌايون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.