وفاقي حڪومت اپوزيشن کي 26هين ترميم تي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اپوزيشن کي 26هين ترميم ۾ بهتري لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اچو اسان سان گڏ ويهو ۽ ٻڌايو ته هن ترميم کي ڪيئن بهتر بڻايون؟ اسان ڪالهه به تيار هئاسين ۽ اڄ به تيار آهيون.
هن چيو ته ماحول گرم ڪرڻ ۽ ڪاغذ ڦاڙڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، مسئلو ڳالهين سان ئي حل ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته 26هين ترميم سان عدالتن مان ٿيندڙ پارليامينٽ جي بي توقيري کي روڪيو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ ججن جي مقرري جو اهو ئي طريقي ڪار آهي، 26هين گرميم کانپوءِ ٻڌڻي هيٺ ڪيس گهٽجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.